ٽيسلا پاران بٽ ڪوائن خريد ڪرڻ کان انڪار

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ)برقي ڪار ٺاهيندڙ ڪمپني ٽسيلا ڪرپٽو ڪرنسي بٽ ڪوائن وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.ڪمرشل هوائي اڏام شروع ڪندڙ ڪمپني اسپيس ايڪس ۽ ٽسيلا جي سي اي او ايلون مسڪ ٽوئٽر اڪائونٽ تي ان ڳالهه جو اعلان ڪيو، ٽوئٽ ۾ هن جو چوڻ هو ته ماحولياتي تحفظ جي تناظر ۾ اسان ادائيگين لاءِ بٽ ڪوائن وٺڻ بند ڪري ڇڏيو آهي ۽ هاڻ صارف بٽ ڪوائن جي مدد سان ٽسيلا نٿا خريد ڪري سگهن.اهو به چيو ته بٽ ڪوائن تڏهن استعمال ڪيا ويندو جڏهن اهو ماحول دوست بڻجندو.

پهنجو تبصرو موڪليو