ٽوڪيو اولمپڪس ۾ گولڊ ميڊل جي آخري اميد ارشد نديم

ٽوڪيو (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي اولمپڪس ۾ سون جو تمغو کٽڻ جي ارشد نديم آخري اميد بڻجي ويو. هن ’جِيولن ٿرو‘ بڙڇي اڇلائڻ جي مردن واري مقابلي ۾ فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي. پنهنجي گروپ ۾ 8 رانديگرن ۾ هن 85.16 ميٽر جي فاصلي تي بڙڇي اڇلائي ٽاپ ڪيو. 24 سالن جي ارسد نديم جو تعلق پنجاب جي علائقي ميان چنون سان آهي. هو شادي شده آهي کيس هڪ نياڻي ۽ هڪ پٽ جي اولاد آهي. 7 آگسٽ تي فائنل مقابلو ٿيندو.

Photo Twitter

سندس ڪاميابي جون خبرون اچڻ بعد سندس پاڙي ۽ علائقي جا ماڻهو هن جي والدين کي مبارڪون ڏيڻ شروع ڪيون آهن. ارشد جو چوڻ آهي ته سندس ڪوچ فياض بخاري مٿس وڏي محنت ڪئي آهي. ڀارت جي نيراج سنگهه 86.65 ميٽر جو ٿرو ڪيو ۽ جرمني جي ورلڊ ليڊر جونز ويٽر 85.64 ميٽر جو ٿرو ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو