ٽوپيءَ کان پوءِ اجرڪ ۽ ثقافت تي وار، اعجاز ممنائي

ڪجهه ڏينھن قومي اسيمبليءَ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران اجرڪ وارو ماسڪ پائڻ تي وزيراعظم جي خاص معاون شھباز گل پنھنجي قيادت کي خوش ڪرڻ ۽ اندر وارو بغض ۽ ثقافت سان تعصب ظاھر ڪندي چيو ته بلاول ڀٽو جيڪو ماسڪ پاتو آھي اھو گابي جي منھن تي چاڙھيو ويندو آھي جيئن اھو ماءُ جو کير نه پي سگهي. سندس ان جملي نه رڳو بلاول ڀٽو پر پوري سنڌي قوم جي دل ڏکائي آھي ڇوته ڪورونا سبب اڳ به بلاول ڀٽو سميت سمورا اسيمبلي ميمبر ماسڪ پائي ايندا رھيا آھن تڏھن ته شھباز گل کي ڪنھن تي اعتراض نه ھو ۽ نه ئي پنھنجي گندي سوچ ظاھر پئي ڪئي پر جڏھن بلاول ڀٽو اجرڪ جو ماسڪ پائي ايوان ۾ آيو ته کيس موقعو ملي ويو ان مان خبر پئي ته شھباز گل کي بلاول ڀٽو تي ڪاوڙ نه پر اجرڪ تي غصو آيو آھي يقينن اھو سنڌ جي ثقافت تي وار آھي انھيءَ ساڳئي ايوان ۾ ماضيءَ ۾ به اھڙيون حرڪتون ٿينديون رھيون آھن ساڳي پيپلز پارٽي جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري جي سنڌي ٽوپي پائي اچڻ تي اعتراض واريو ويو ۽ چيو ان مان سنڌيت ۽ لسانيت جي بوء ٿي اچي ان کان پوءِ سنڌي ميڊيا سنڌ جي ثقافت جو ڏينھن ملھائڻ جو آغاز ڪيو ڇوته ثقافت ھڪ اھڙو اظھار جو ذريعو آھي.جنھن جي ذريعي مختلف ملڪ قومون ۽ قبيلا پاڻ ۾ ڳنڍجي ويندا آھن ڇاڪاڻ ته ثقافتي قدر ۽ اھڃاڻ پنھنجي انفراديت سان گڏوگڏ خطي جي مجموعي طور تي اجتماعي تصوير ھوندا آھن ثقافت ھڪ اھڙو ميڊيم آھي جنهن جي ذريعي قومون نه صرف پنھنجي انفرادي سڃاڻپ ڪرائينديون آھن بلڪه ٻين ثقافتي قدرن ۽ اھڃاڻن جو اثر پڻ قبولينديون آھن ثقافت ھڪ مسلسل وھڪرو آھي جنهن منجھان قومن جي انفرادي ۽ اجتماعي سوچ جي نشاندھي ٿئي ٿي جيڪڏهن سنڌ جي ثقافت جي ڳالھ ڪجي ته اھا پنج ھزار سالن کان به وڌيڪ پراڻي آھي ان تي ساڙ ڪرڻ کين جڳائي نه ٿو جيڪڏھن وٽن پنھنجي ثقافت جو قدر ناھي ته ان جو مقصد اھو ھرگز ناھي ته ٻئي جي ثقافت تي اوڳر اڇليو ان سان توھان خلاف نفرتون وڌنديون سنڌ اسيمبليءَ ۾ شھباز گل جي منھن تي چماٽ ھڻي پنھنجي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ سنڌ اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ اڪثر ميمبر جن ۾ اسپيڪر آغا سراج دراني ثقافت وارو وزير سيد سردار شاھ قائم علي شاھ سعيد غني ندا کھڙو ۽ ٻيا اجرڪ اوڍي آيا جڏھن ته مخالف ڌر جي اڳواڻن فردوس شميم نقوي خرم شير زمان ۽ ٻين پڻ شھباز گل جهڙن سنڌ دشمنن کي پيغام ڏنو ته پنھنجي ثقافت تي ڪڏھن به ڪنھن غير ھٿان وار نه سھنداسين ٻئي طرف سينئر ميمبر امداد پتافي اجرڪ جو پٽڪو ٻڌي اھو ثابت ڪيو ته اسان ڪڏھن به پنھنجي ثقافت کان پري نه ٿينداسين ڇوته زندھ قومون پنھنجي ثقافت کي ايندڙ نسلن کي منتقل ڪنديون آھن جيئن جسم ۾ دل جو ھجڻ ضروري ھوندو آھي تيئن ثقافت سماج جو بنيادي ماخذ ھوندي آھي ثقافت جي دائري ۾ ماڻهن جي روزمرھ جي زندگيءَ جي طور طريقن رھائش رھڻي ڪھڻي ۽ لباس اچي وڃن ٿا يا ائين کڻي چئجي ته ثقافت قوم جي سماجي زندگي نظرين اعتقادن ۽ قدرن جي آئينه دار ھوندي آھي ڇوته ثقافتي تاريخ ان قوم جي سماجي تاريخ جو عڪس ۽ نچوڙ ھجي ٿي ثقافت جو تعلق ظاھري توڙي باطني زندگيءَ جي احساسن ۽ جذبن سان ھوندو آھي ثقافت انھن معيارن جو مجموعو آھي جيڪي قوم کي ورثي ۾ مليون آھن انھن جو دائرو وسيع آھي ان ڪري متعصب شھباز گل سميت سنڌ جي ثقافت جي دشمنن کي اھو پيغام ڏيڻ ٿا چاھيون ته سياست کي عبادت سمجهي ڪيو ۽ ٻين جي جذبن ۽ احساسن جا ڀرجهلا ٿي ھلو ڪنھن جي ثقافت کي ميري نظر سان نه ڏسو جيڪڏهن توھان ڪنھنجي ثقافت تي وات کوليندو ته زبانون ٻين وٽ به آھن انڪري شھباز گل کي پوري سنڌي قوم کان معافي وٺڻي پوندي ائين قومي اسيمبلي کان وٺي صوبائي اسيمبلي ۽ سينيٽ تائين سمورن ايوانن مان شھباز گل خلاف قراداد پاس ڪري ٻي صورٿ ۾ سنڌي قوم کيس ڪڏھن به معاف نه ڪندي. اهي سڀ ڳالهيون پنهنجي جاءِ تي پر پيپلز پارٽي جيڪا 12 سالن کان سنڌ تي حاڪم آهي ان کي عوام لاءِ ڪجهه ڊليور ڪرڻو پوندو، روڊ رستا ڀڳا پيا آهن، ڪرپشن ۽ خراب گورننس عام جام آهي، صحت ۽ تعليم سميت هر شعبي جو ٻيڙو ٻڏو پيو آهي. رڳو اجرڪ پائڻ ڪافي ناهي سنڌ جا تاريخي ماڳ تباهه آهن انهن جي حفاظت جا جوڳا اپاءَ به وٺڻ گهرجن.

پهنجو تبصرو موڪليو