ٽرڪ ڪراس ڪرڻ وقت پل ڪري پئي، دڙو جو رابطو ڪٽيل

دڙو (رپورٽ: شوڪت ميمڻ) دڙو ۾ انتظامي نااھلي جو بدترين حادثاتي واقعو.!! دڙو جي پنڃاري ڪئينال تي اڏيل پل ريتي سان ڀريل ٽرڪ جي گذرڻ سبب ڌماڪي سان ڊھي پئي. ٽرڪ ۽ چنگچي رڪشا جو عملو معجزاڻي طور محفوظ. دڙو جو ڪراچي, ٺٽو, سجاول ۽ ٻين شھرن سان زميني رابطو ڪٽيل. ھاء ويز ۽ آبپاشي کاتي طرفان 15 سال اڳ پنڃاري ڪئينال تي اڏيل پل کي انتھائي خطرناڪ قرار ڏئي آمدرفت روڪڻ جي وارنينگ جاري ڪئي ھئي. پر انتظاميا عمل نه ڪيو. تفصيل موجب دڙو ۾ انتظامي نااھلي جو خوفناڪ واقعو پيش آيو آھي. 15 سال اڳ آمدرفت لاء انتھائي خطرناڪ قرار ڏنل دڙو جي پڃاري ڪئينال مٿان اڏيل پل تان ريتي سان ڀريل ٽرڪ جئين ئي وچ واري حصي تي پھتي ته پل ڌماڪي سان ڊھي پئي. جنھن جي نتيجي ۾ پل تي اڳ ئي بيٺل چنگچي رڪشا ۽ ٽرڪ جو اڌ حصو ھيٺ ۽ اڌ حصو پل جي مٿين حصي ۾ ڦاسڻ سبب ٽرڪ ۽ چنگچي رڪشائن ۾ سوار ڊرائيور سميت 4 ڄڻا معجزاڻي طور بچي ويا. جن کي آسپاس بيٺل ماڻھن فوري طور تي پھچي بچائي ورتو. جڏھن ته پل جو وچ وارو حصو مڪمل طور ڊھڻ سبب دڙي جو ھاڻي ڪراچي, ٺٽو, سجاول ۽ ٻين شھرن سان زميني رابطو ڪٽجي ويو آھي. دڙو جي مختلف شھرين, واپارين ۽ سياسي سماجي اڳواڻن نظير سومرو, اعجاز اختر ميمڻ, ڊاڪٽر افضل ميمڻ, اقبال سومرو, علي رضا ڪڇي, حافظ عبدالغفور ميمڻ, انور ملاح, جاويد ميمڻ, رفيق بلاولي, محمد خان ڪڇي ميمڻ, منور ميمڻ, نظام ميمڻ ۽ ٻين پنڃاري واھ تي اڏيل پل جي ڌماڪي سان ڊھڻ واري واقعي تي سخت احتجاج ڪندي چيو آھي ته اسان ڪافي سالن کان احتجاجن ذريعي ھاء گھوڙا ڪري رھيا ھئاسين ته پنڃاري واري پل زبون ٿي وئي آھي. ان کي تعمير ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ اھا ڪنھن به وقت وڏي حادثي کي جنم ڏئي سگھي ٿي. پر انتظاميا اسانجي ھڪ به نه ٻڌي ۽ اڄ مذڪوره پل ڊھڻ جو واقعو پيش آيو آھي ۽ معجزاڻي طور ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو. ھنن چيو ته ڪجھه مھينا اڳ پريس ڪلب دڙو جي صحافين جي ٽيم سجاول جي ڊي سي محمد اسماعيل ميمڻ کي دڙي اچڻ دوُران ساڻس گڏجي پڃاري جي زبون حال پل جو معائنو ڪرايو ۽ کيس ڪنھن به وقت وڏي جاني ۽ مالي نقصان ٿيڻ واري خدشي کان آگاھ ڪيو ھو. پر اڄ تائين ڪنھن به ڌيان نه ڏنو ۽ پل ڪرڻ جو واقعو پيش آيو. ھنن سنڌ حڪومت, حد جي چونڊيل نمائيندن, سجاول جي ضلعي انتظاميا ۽ ٻين اختيارين جو ڌيان پنڃاري پل ڏانھن ڇڪائيندي گھر ڪئي ته فوري طور تي پنڃاري ڪئينال جي زبون پل تعمير ڪرائي شھرين مان بيچيني ختم ڪئي وڃي. ياد رھي ته 15 سال اڳ ھاء ويز ۽ آبپاشي کاتي جي ماھر انجنئيرن طرفان پڃاري ڪئينال تي اڏيل پل کي انتھائي خطرناڪ قرار ڏيئي ان جي فورن نئين سر تعمير جي وارنينگ جاري ڪئي ھئي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو