ٽرڪ ذريعي سانگهڙ کان صادق آباد ويندڙ 50 مسافر گرفتار

نواب شاھ (اي ڪي ڏاهري) لاڪ ڊائون بعد مسافر گاڏين تي بندش بعد ٽرڪن ۾ چوري ماڻهو ڍوئيندڙ ٽرڪ کي پوليس پڪڙي ورتو. بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ سانگهڙ کان صادق آباد ويندڙ ٽرڪ کي نواب شاھ جي ڊي آئي بي برانچ جي انچارج عبدالحميد جلباڻي انٽيليجنس رپورٽ تي روڪي تلاشي ورتي. ٽرڪ جي ترپال کي ھٽايو ويو ته پنجاھ ماڻھو سوار ھئا، جن کان معلوم ٿيو ته ٽرڪ واري في ماڻهو کان ٽي ھزار روپيا ورتا آھن ۽ اسان کي سانگھڙ کان صادق آباد کنيو پيو وڃي ان موقعي تي ٽريفڪ پوليس ٽرڪ چالان ڪري کين گپچاڻي پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو