ٽريڪٽر جي ٽڪر ۾ هڪ فوت هڪ زخمي، ڊرائيور فرار

ميرپورماٿيلو (ظهير وسير  )قومي شاهراهه تي تيز رفتار ٽريڪٽر ٻن واٽهڙن  مٿان چڙهي ويو، هڪ ڄڻو چيڀاٽجي فوت، ٻيو زخمي ٿي پيو. مڱريا پمپ وٽ تيز رفتار  ٽريڪٽر موٽر سائيڪل مٿان چڙھي ويو، فوتي ۽ زخمي کي اسپتال پهچايوويو، جتي فوتي جي سڃاڻپ گھوٽڪي جي ڳوٺ صابر مشوري جي رھواسي مير محمد مشوري طور ڪئي وئي جڏھن ته زخمي سندس ڀاءُ عبدالحق مشوري آهي. فوتي جو لاش وارث کڻائي ويا، جڏھن ته زخمي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رحيم يار خان نيو ويو. ميرپورماٿيلو پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي بعد ٽريڪٽر ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو هو جڏهن ته ٽريڪٽر ٽرالي کي اسان پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو