ٽرمپ کي ووٽ ڏيڻ تي ماڊل بواءِ فرينڊ کي ڇڏي ڏنو

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) امريڪي صدارتي چونڊ دوران اهڙيون خبرون ته اينديون رهيون ته هڪ گهر جي ڀاتين ۾ اختلاف آهن ۽ ڪجهه ڊونلڊ ٽرمپ جا حامي آهي ته ڪجهه جو بائيڊن جا حمايتي آهن. ان سان گڏ اها خبر به آئي آهي ته امريڪا جي مشهور ماڊل بلدوت ڊنيس پنهنجي گلوڪار بواءِ فرينڊ لل وانئي کي صرف ان ڪري ڇڏي ڏنو ته هن ٽرمپ جي حمايت ڇو ڪئي؟. ماڊل جو بائيڊن جي حامي هئي پر سندس بواءِ فرينڊ صدر ٽرمپ لاءِ مهم هلائي رهيو هو. جنهن بعد ماڊل پنهنجي انستا گرام اڪائونٽ تي کائنس علحدگي جو اعلان ڪيو. هن ڪجهه دير بعد پوسٽ ڊليٽ ڪري ڇڏي هئي پر پيج سڪس نالي ويب سائيٽ اها خبر هلائي آهي. جنهن بعد ريپر ۽ گلوڪار لل وائني کي صدر ٽرمپ گهرائي پاڻ سان تصويرون ڪڍرائي وائرل ڪيون.

پهنجو تبصرو موڪليو