ٻگهيو ۽ سولنگي برادرين ۾ پسند جا ڌار ڌار عدالتي پرڻا

مورو(ن س) پسند جي پرڻي جا ٻه ڌار ڌار و اقعا رپورٽ ٿيا آهن. سولنگي برادري جي جوڙي مائٽن جي مرضي کانسواءِ عدالت ۾ شادي ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته ٻيو جوڙو ٻگهيو برادري سان تعلق رکي ٿو جنهن ۾ عورت اڳوڻي مڙس مان تنگ ٿي نئون مڙس ڪيو آهي. مسمات گلشاد ٻگهيو پنهنجي مڙس عاشق حسين ٻگهيو سان پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته منهنجو اڳيون مڙس نالي شهزادو ٻگهيو موالي قسم جو ماڻھو آھي جيڪو مونکي خرچ پکو نه ڏيندو هو ۽ مونکي غلط ڪم ڪرڻ تي مجبور ڪندو هو،  غلط ڪم نه ڪرڻ تي مون تي انسانيت سوز تشدد ڪندو هو ۽ جسم تي ڏنڀ ڏيندو هو جنهن کان پوءِ مون مجبور ٿي هن کان طلاق ورتي ۽  ان کان پوءِ مون پنهنجي رضا خوشي سان گهران ٽن ڪپڙن ۾ نڪري ڪورٽ سڳوري ۾ عاشق حسين ٻگهيو سان شادي ڪئي جنهن کان پوءِ منهنجو اڳيون مڙس شھزادو ٻگهيو مون تي ڏمر جي پيو آھي شھزادو ٻگهيو سندس والد ۽ ان جا ڀائر ۽ چاچا مون کي منهنجي نئين مڙس کي منهنجي ڏيرن محمد موسي الهه داد, علي مراد, دلمراد, خادم ٻگهيو کي سنگين نتيجا ڀوڳڻ جون ۽ قتل جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آھن ۽ هنن منهنجي مڙس تي مورو پوليس ٿاڻي تي جڙتو ڪيس داخل ڪرايو آھي ۽ ڪيترائي ڀيرا اسان جي گهر تي ڏوهاري قسم جا هٿيار بند وٺي قاتلاڻو حملو ڪيو آھي مگر اسان کي الله بچايو آھي.

Photo Sindhyar

مسمات گلشاد جي مڙس عاشق حسين ٻگهيو چيو ته گلشاد منهنجي زال آھي ڀلي اسان کي ڪيتريون به ڌمڪيون ملن اسان هڪ ٻئي کان جدا نه ٿينداسين مسمات گلشاد ۽ سندس قانوني مڙس عاشق حسين ٻگهيو چيف جسٽس آف سپريم ڪورٽ آف پاڪستان, چيف جسٽس سنڌ هائي ڪورٽ, جسٽس سکر هائي ڪورٽ, ڊسٽرڪٽ سيشن جج، آء جي سنڌ پوليس, آر پي او حيدرآباد, ڊي آئي جي شھيد بينظير ۽ ٻين کان پرزور مطالبو ڪيو آھي ته اسان کي تحفظ ڏئي ڪاروڪاري جي الزام ۾ قتل ٿيڻ کان بچايو وڃي اسان تي داخل ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن ۽ ڌمڪيون ڏيندڙن خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪري اسان کي انصاف فراهم ڪيو وڃي. هوڏانهن ٻئي واقعي ۾ نوشھروفيروز جا رهواسي نوجوان رفيق احمد سولنگي ۽ ناري حليمان سولنگي نوابشاھ جي عدالت ۾ پسند جو پرڻو ڪري ڇڏيو آھي، پر ناري جا مائٽ هن شادي مان خوش ناهن جنهن ڪري هو ٻنهي جا ويري بڻجي ويا آھن ۽ هو دربدري واري زندگي گذاري رهيا آھن ان سلسلي ۾ زال ۽ مڙس مورو ۾ احتجاج ڪندي صحافين کي ٻڌايو ته اسان غير محفوظ بڻجي ويا آھيون جنهن ڪري اسان تحفظ لاء صحافين وٽ پھتا آھيون ناري حليمان سولنگي چيو ته منهنجا مائٽ منهنجي مڙس جي ڪراچي واري گھر تي چڙھائي ڪري ان جي والد ۽ ڀائرن ۽ گھر ڀاتين تي تشدد ڪري پيسا ۽ سامان کڻي ويا آھن ۽ سنگين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون پڻ ڏئي رهيا آھن. منھنجا مائٽ منهنجي شادي زبردستي پيسا وٺي ڪنهن وڏي عمر واري سان ڪرائڻ چاهين پيا ۽ مون تي تشدد پڻ ڪندا هئا جيڪا ڳالھ مونکي پسند نه آئي ۽ مان پنهنجي ويجھي عزيز رفيق سولنگي سان پسند جي شادي ڪئي آھي هنن وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاھ, آء جي پوليس سنڌ, ڊي آء جي شھيد بينظير ۽ ٻي وس وارن کان مطالبو ڪيو آھي ته اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو