ٻڏل نوجوان جو لاش ڳولڻ لاءِ نيوي جا ٽوٻا سرگرم

ميرپرماٿيلو)ن س) مسو واهه ۾ ٻڏي ويل ڳوٺ ڪالو سيال جي رهواسي 15 ورهين جي نينگرعمير سيال جو لاش 24 ڪلاڪ گذرڻ باوجود نه مليو. ڊي سي گهوٽڪي محمد سليم جوهر جي خاص هدايت تي ڪراچي مان نيوي جا ٽوٻا گهرايا ويا آهن، جيڪي مسوواهه ۾ ٻڏي ويل نيگر جي لاش جي ڳولا ڪن پيا. هن مهل تائين پاڻي ۾ ٻڏي ويل نيگر جو ڪو بہ ڏس پتو نہ پيو، هوڏانهن نيگر جي وارثن جي گهرن ۾ روڄ راڙو متل آهي ۽ گهر ۾ قرآن پاڪ جا ورد جاري آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو