ٻٽ ٻڌل اهلڪار جنگ جي رپورٽر کي اغوا ڪري ويا، پوليس خاموش

ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر) ٻٽ ٻڌل سادا ڪپڙا پاتل ويھه کان مٿي نامعلوم ماڻهون گهر جي ڀت اورانگهي جنگ اخبار جي رپورٽر مطلوب حسين کي کنڀي کڻي ويا. سندس گهر وارن مطابق ڇنڇر واري رات صبح جو4 وڳي ٻٽ ٻڌل هٿياربند ماڻهون جيڪي ٽويوٽا ويگو۽ پراڊوم سوار هئا،اوچتو ڇاپو هنيو. هنن سان ٽي پوليس موبائلز به گڏ هيون، گهر جي سڀني ڀاتين کي ڪمري ۾ يرغمال ڪري سڄي گهرجي تلاشي ورتي ۽ مطلوب حسين کي حراست ۾ وٺي پاڻ سان گڏ نامعلوم جاءِ تي کڻي ويا. غائب ڪيل صحافي الفلاح ٿاڻي جي حد سلمان سوسائٽي جو رهائش پذيرآهي. سندس  گهر وارن گم ٿيڻ جي درخواست الفلاح ٿاڻي ۾ داخل ڪرائي ڇڏي آهي. ڊي آ۽ جي ڪراچي اوڀر عامر فاروقي پاران متعلقه ٿاڻي تي درخواست وصول ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته مختلف ايجنسين سان لاپته صحافي بابت معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ رابطا ڪيا پيا وڃن. غائب ڪيل صحافي جي ڀاءُ منهاج موسوي جو چوڻ آهي ته مطلوب حسين موسوي جو ڪنهن به سياسي يا مذهبي پارٽي سان ڪوئي تعلق ناهي البته هو آزاد ۽ ترقي پسند سوچ جو مالڪ۽ متحرڪ سماجي ڪارڪن ضرورآهي.     

پهنجو تبصرو موڪليو