ٻيٽن بابت سنڌ جو احتجاج نظر انداز، وفاق هوڏ تي قائم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي ٻيٽن تي وفاقي والار خلاف عوامي احتجاجن ۽ سنڌ اسيمبلي مان ٺهراءُ منظور ٿيڻ باوجود وفاق پنهنجي هوڏ تان نه لٿو، صدر عارف علوي ۽ گورنر عمران اسماعيل وچ ۾ ملاقات دوران ٻيٽن تي نوان شهر اڏڻ واري منصوبي تي صلاح مشورا، ملاقات ۾ ڏنگي ۽ ڀندار ٻيٽ تي ترقياتي ڪم ۾ اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو، ڪراچي پهتل صدر عارف علوي بلڊرز ۽ واپارين سوڌو زندگي مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ شخصيتن سان پڻ ملاقاتون ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو