ٻيلي کاتي خلاف ڀيل برادري جو 8 ڪلوميٽرپيادل مارچ، ڌرڻوجاري

اسلام ڪوٽ (پرڪاش ڪمار) ٻيلي کاتي پارن ڀيل برادري جا گهر ڊاهڻ خلاف ڀيل برادري جو احتجاج ٿرڪول روڊ تي ڌرڻو، روڊ بلاڪ ٿي ويو ۽ گاڏين جو قطاررون لڳي ويون. اڄ متاثر ڳوٺاڻن ڀيل انٽلڪچوئل فورم جي مرڪزي اڳواڻن ايڊووڪيٽ لجپت سوراڻي ڀڳت سورو مل عوامي تحريڪ اڳواڻ ھرسنگھ ڀيل جي اڳواڻي ۾ سوين ماڻھن عورتن ۽ ٻارڙن ڳوٺ کان اٺ ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪري اسلام ڪوٽ باء پاس تي ڌرڻو ھڻي ٿرڪول ڏانھن ويندڙ روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. جنھن سبب گاڏين جو قطارون لڳي ويون ان بعد پاڪ رينجرس جي اھلڪارن روڊ کولائي ڇڏيو. ان کان پوء اڳواڻن ٻيھر ريلي ڪڍي اسلام ڪوٽ ھاء اسڪول گيٽ اڳيان ننگر مارڪيٽ روڊ تي ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا ڌرڻي دوران سخت گرمي ۾ اس ۾ ويھڻ سبب پنجيتاليھ ورھين جي مگھو زال چترو بي ھوش ٿي وئي جڏھن ته ڌرڻو ھلندڙ آھي. ٽن ڪلاڪن کان لڳل ڌرڻي ۾ اڃان تائين انتظاميا نه پھتي آھي. اڳواڻن پاران بي گھر ٿيلن جي نقصان جو ازالو ڪري گھر ٺاھڻ جو مطالبو ڪيو پيو وڃي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن ڳوٺ ملھو ڀيل  ۾ ٻيلي کاتي انتظاميا پاران اسسٽنٽ ڪمشنر، مختيار ڪار، پوليس جي وڏي نفري ساڻ ڪري ڀيل برادري جا 100 کان مٿي گھر مسمار ڪيا هئا. ٻيلو کاتو چوي ٿو ته ڀيل برادري سرڪاري زمين تي قبضو ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو