ٻيلي کاتي جي 11 هزارايڪڙ زمين تان قبضو خالي ڪرائبو، ڊي ايف او

اسلام ڪوٽ (پرڪاش ڪمار) ٿرپارڪر ۾ ٻيلي کاتي جي ساڍا يارنهن هزار ايڪڙ زمين تي قبضو ٿي چڪو آهي جيڪو سپريم ڪورٽ جي حڪم تي خالي ڪرائڻ لاءِ آپريشن ڪري رهيا آهيون. اهڙو اظهار ڊويزنل فاريسٽ آفيسر شرجيل خان ميمڻ سنڌيار سان ڳالهائيندي ڪيو. هن ٻڌايو ته اسلام ڪوٽ ۾ 1996ع ۾ ٿيل سروي دوران ٻيلي کاتي جي زمين تي آباد جن ڳوٺن ۽ آبادين جي نشاندهي ٿيل آهي انهن کي ڇڏي بعد ۾ جيڪي به نيون اڏاوتون ۽ قبضا ٿيل آهن انهن کي ختم ڪيو ويندو. گھڻي ڀاڱي جيڪي تازا قبضا آهن انھن کان زمين خالي ڪرايون پيا. هن ٻڌايو ته ملھو ڀيل ۾ ٿيل آپريشن ان سلسلي جي ڪڙي آهي. اسين هنن کي نوٽيس ڏنو، سانن ملاقات ڪري امجهايو به پر هو زمين خالي نه پيا ڪن. جڏهن کيس ٻڌايو ويو ته اسلام ڪوٽ ۽ آس پاس ٻيلي کاتي جي زمين تي ماڻهو بهه ۽ ٻيو سامان رکي ويٺا آهن، هوٽل ۽ دوڪان ٺاهي ويٺا آهن، بهه اڏامڻ سبب شهري پريشان ٿين ٿا ته هن چيو ته انهن سڀني خلاف ڪاروائي ٿيندي ۽ کين اٿاريو ويندو. هڪ سوال تي هن ٻڌايو ته ڪجهه ماڻهن رونيو جي ملي ڀڳت سان ٻيلي جي زمين جا ڪوڙا کاتا ٺهرائي ڇڏيا آهن، ان لاءِ روينيو سان ملي کاتا رد ڪري سندن خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو