ٻيلي جي ٻني ۾ پوکيل ڪڻڪ جو تيار فصل پٽجي ويو

سکر(امداد علي ڪلوڙ) ٻيلي کاتي سکر پاران پراڻي سکر لڳ ڪچي واري علائقي ٻنڊي ڌاريجا ۾ عدالتي حڪم تي ڪاروائي ڪندي سوين ايڪڙ تي پوکيل ڪڻڪ جو فصل ٽريڪٽرن ذريعي ختم ڪري ٻيلي کاتي جي زمين تان قبضو ختم ڪرايو. ڇنڇر ڏهاڙي ٻيلي کاتي سکر جي ملازمن ڊويزنل فاريسٽ آفيسر سکر افتخار احمد آرائين، شمس الدين کوسو ۽ دلشير کوسو جي نگراني هيٺ پوليس جي مدد سان ٻنڊي ڌاريجو ۾ آپريشن ڪندي ست سئو ايڪڙ کان وڌيڪ زمين تي با اثر قبضي مافيا طرفان سرڪاري زمين تي ڪيل قبضو ختم ڪرائڻ لاء ڪاروائي ڪئي زمين تي بيٺل ڪڻڪ سميت ٻيو فصل ضايع ڪري ڇڏيو جڏهن ته آپريشن دوران ڪنهن به مزاحمت نه ڪئي ان ڏس ۾ ٻيلي کاتي انتظاميه جو چوڻ آھي ته ٻنڊي ڌاريجا، قادراپور، روهڙي، ڊنگ ۽ عزيزپور جي ڪچي ۾ سورنهن سئو ايڪڙ کان وڌيڪ ٻيلي کاتي جي زمين تي قبضو ڪيو ويو آھي عدالتي حڪم تي عمل ڪندي 29 فبروري کان پنج مارچ تائين انڪروچمنٽ خلاف آپريشن جاري رهندو.

پهنجو تبصرو موڪليو