ٻيلي جي زمينن تان قبضو ختم ڪرائي وڻ پوکبا، قاضي

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) گريڊ 20 هين جي آفيسر عبدالجبار قاضي چيف ڪنزرويٽر فاريسٽ جي اضافي چارج سنڀالي ورتي آهي. هن جو چوڻ آهي ته عدالتي حڪمن تي سختي سان عمل ڪرائيندي ٻيلي کاتي جي زمينن تان قبضو ختم ڪرائي ٻيلا پوکيا ويندا. چيف سيڪريٽري ممتاز علي شاهه پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب چيف ڪنزرويٽر جي عهدي تان اعجاز علي نظاماڻي کي هٽائي ان عهدي جي اضافي چارج عبدالجبار قاضي کي ڏني وئي هئي. جيڪو ٻيلي ۽ جهنگلي جيوت کاتي ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري طور ڪم ڪري رهيو آهي. عبدالجبار قاضي سنڌيار سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته عدالتي حڪم موجب ٻيلي کاتي جي زمينن تان قبضو خالي ڪرائڻ لاءِ هن وقت دادو، نوشهروفيروز ۽ ڄامشورو ضلعن ۾ آپريشن هلي رهيو آهي جنهن جو دائرو جلد وسيع ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو