ٻيلو ۾ انتظاميه پاران سستي اٽي لاءِ اسٽال قائم

ٻيلو شھر( رپورٽ:شعيب الرحمان ميمڻ)مھنگائي خلاف  ميڊيا ۾ خبرون ھلڻ   تي ضلعي سجاول انتظاميه نوٽيس وٺندي ٻيلوشھر۾ سستي اٽي جا اسٽال لڳائي عوام کي ڏھ ڪلو واري ٿيھلي 430روپيہ ۾ فروخت ڪئي وئي اسٽال تان عوام سستو اٽو خريد ڪيو ويو ٻيلوشھر جي رھواسين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو اسان ٻيلوشھر جي صحافين جا تمام گهڻا ٿورائتا آهيون جنن مھنگائي جي خلاف آواز اٿاريو۽ ھتان جي عوام کي رليف ڏياريو ھوڏانھن اي سي سجاول سميع الله سنجراڻي ٻيلو شھر۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي اولين ترجيح آهي ته عوام کي رليف فراهم ڪريون ۽ جلد انھن دڪاندارن خلاف به قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي جيڪي من پسند ريٽ مقرر ڪري ھتان جي ماڻھن کي لٽي رھيا آھن.

پهنجو تبصرو موڪليو