ٻن ڏينهن کان گم نيننگر جو لاش کوهه مان هٿ

اوٻاوڙو  )غلام علي رند) کنڀڙا ٿاڻي جي حد مان ٻه ڏينهن اڳ گم ٿي ويل نينگر  جو لاش پوليس کوھ مان هٿ ڪري شڪ جي بنياد تي هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي. داعو والا جو رهواسي شبيراحمد ملڪ پنهنجي ٻارهن سالن جي پٽ عثمان ملڪ سان گڏ زمين ۾ پاڻي وارائي رهيو هو ته نينگر اوچتو گم ٿي ويو وارثن جي ڳولا باوجود نينگر جو ڪو به ڏس پتو نه پئجي سگهيو , کنڀڙا پوليس شڪ جي بنياد ھڪ جوابدار حاجي انڍڙ کي گرفتار ڪري ورتو جنهن جي نشاندهي تي نينگر جو لاش اڄ کوھ مان هٿ ڪيو ويو جنهن کانپوء نينگر جو لاش پوسٽ مارٽم لاء تعلقا اسپتال اوٻاوڙو موڪليو ويو  , نينگر  جي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو جڏھن ته کنڀڙا ٿاڻي تي ڪو  به ڪيس داخل ٿي نه سگهيو آهي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو