ٻن ڌرين ۾ جهيڙو 2 زخمي، لاڪ ڊائون تي عمل نه ٿيو

مورو(ن س) دادو بائي پاس تي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو لٺين مڪن جو آزدانا استعمال ٻه نوجوان زخمي اسپتال منتقل, ان کان علاوه مورو شھر جي مختلف علائقن ۾ 144 قلم کي شھرين ۾ هوا ۾ اڏائي ڇڏيو عام معمول جيان گهرن کان ٻاهر نڪري روڊ رستن تي گهمندي نظر آيا ان سلسلي ۾ شھر جي سڃاڻ ڌرين ٻڌايو ته شھر ۾ بنا جواز شھري گهرن کان ٻاهر نڪري آيا آھن اهو سٺو عمل ناهي جڏهن ته انتظاميا دڪان داري ته بند ڪرائي آھي پر شھرين کي گھرن تائين محدود رکڻ واري حڪم تي انتظاميا عمل نه ڪرائي سگهي هن وقت ضرورت ان ڳالهه جي آھي ته مورو شھر جي مختلف روڊ رستن مک چونڪ چوراهن جنهن۾ ٻانڌي روڊ , درس روڊ, گچيرو روڊ, مين روڊ سميت مختلف هنڌن تي گھرن مان غير ضروري طور ٻاهر نڪرندڙن کي گھر تائين محدود رکيو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ قانوني ڪاروائي ڪري شھرين کي گھرن تائين محدود ڪيو وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

ٻن ڌرين ۾ جهيڙو 2 زخمي، لاڪ ڊائون تي عمل نه ٿيو” هڪ تبصرو

  1. تمام بھترين عمل سند حڪومت جو اگر ائين سند حڪومت ن ڪيو ت تمام گھڻو نقصان ٿيندو

پهنجو تبصرو موڪليو