ٻن ٽرالرن ۽ مزدا ۾ خوفناڪ ٽڪر،3 ڄڻا فوت،4 زخمي

گهوٽڪي(سليم فضل ڪلهوڙو)ٽول پلازا وٽ ٻن ٽرالن ۽ مزدا وچ ۾ خوفناڪ ٽڪر سبب ٽرالر ۽ مزدا ۾ سوار ٽي ڄڻا ٿڏي تي فوت ۽ چار ڄڻا زخمي ٿي پيا، فوتين ۾ اسد نواز، محمد شعبان ۽ بلاول شامل آھن جڏھن ته زخمين ۾ دلاور، اياز راجپوت، اعجاز ۽ ڪاشف گجر شامل آھن، فوتين جي لاشن ۽ زخمين کي تعلقا اسپتال گھوٽڪي منتقل ڪيو ويو، روڊ تي بيٺل ٽرالر کي پٺيان ايندڙ ٻئي ٽرالر جو ٽڪر لڳڻ کان پوءِ پويان ايندڙ  تيز رفتار مزدا به ٽڪرائجي وئي. فوتين جو تعلق پنجاب جي مختلف شھرن سان ٻڌايو پيو وڃي.

Photo Sindhyar

پهنجو تبصرو موڪليو