ٻن موٽر سائيڪلن ۾ ٽڪر، ڀاءُ ڀيڻ فوت 4 ٻيا زخمي

روھڙي (ن س)باءِ پاس تي تيز رفتار ٻن موٽر سائيڪلن جو آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ چئن مهينن جي عائشه شر ٿڏي تي فوت ٿي وئي جڏهن ته امتياز شر، سلطان اعواڻ، جڙو اعواڻ ۽ ٻه عورتون سخت زخمي ٿي پيون جن کي ايڌي ايمبولينس ذريعي طبي امداد لاءِ تعلقا اسپتال پهچايو ويو جتان زخمي امتياز شر کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ بهتر علاج لاءِ سکر جي نجي اسپتال ڏانهن منتقل ڪيو ويو جتي امتياز شر زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪيو، فوتين جا مڙھ روهڙي تعلقي اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا فوتي ٿيل نوجوان امتياز شر ۽ معصوم نينگري عائشه جو تعلق روهڙي جي علائقي اڇين قبين سان ٻڌايو پيو وڃي جيڪي پاڻ ۾ سڳا ڀاءُ ڀيڻ هئا جن جا لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو جن کي آلين اکڙين سان اباڻي ڳوٺ جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو