ٻار پڙهڻ سان ماحول خراب ٿيندو، بند اسڪول کولرايو

ڊرگھ بالا (جي ايم لنڊ) ڳوٺ لڌو ديرو ۾ پرائمري اسڪل جي بندش خلاف سماجي اڳواڻن ۽ ٻارڙن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ميڊم حسنه لغاري ۽ عاصمه ڪنڀر جي سربراهي ۾ ٿيل مظاهري ۾ مطالبو ڪيو ويو ته 10 سالن کان وڏيري پاران بند ڪرايل اسڪول کولرايو وڃي. هنن ٻڌايو ته ڳوٺ جو وڏيرو مٺل لغاري چوي ٿو ته اسڪول ۾ جيڪو استاد پڙھائڻ آيو ته ھن کي ڏنڊا ھڻندس، ٻار پڙھڻ سان ماحول خراب ٿيندو، ٻار پڙھندا ته مال ڪير چاريندو، ٻني جي پوکيل پوک جي جھار ڪير ھڪليندو. سماجي اڳواڻن چيو ته دنيا ۾ جديد ٽيڪنالاجي سبب انقلاب آيو آهي ۽ اسانجا سماج دشمن وڏيرا اڄ به پٿر جي دور جي سوچ مان نٿا نڪرن. هنن وڌيڪ ٻڌايو ته گذريل ڏھن سالن کان ڳوٺ جي سرڪاري اسڪول کي تالا ھڻائي وڏيرو اوطاق طور استعمال ڪري ٿو ۽ اعتراض ڪرڻ تي پوليس ۾ ڪوڙا ڪيس ڪرائي ڳوٺاڻن کي هيسائي رهيو آهي. سماجي اڳواڻن سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ، وزيراعلي ۽ وزير تعليم کان مطالبو ڪيو آھي ته هو نوٽيس وٺن ۽ معصوم بارن جو مستقبل تباهه ڪندڙ ڪند ذهن وڏيري خلاف ڪاروائي ڪري اسڪول کولرايو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو