ٻارڙن سان زيادتي ڪندڙن کي ڦاهي ڏني وڃي، حنيد لاکاڻي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) بيت المال سنڌ جي سربراهه حنيد لاکاني عيسيٰ نگري ۾معصوم ٻارڙي سان ٿيل ڌاڍائي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ اهڙي قسم جا وڌندڙ واقعا ڪنڌ شرم سان جهڪائي ڇڏيندا آهن. اهڙي درندي صفت ماڻهن کي سرعام ڦاسي ڏيڻ گھرجي جيئن ان قسم جا واقعا رڪجي سگهن. ٻار ڪنهنجا به هجن هو قوم جي مستقبل جو اثاثو هوندا آهن. جاري ڪيل بيان ۾ هن وڌيڪ چيو ته هر روز  مختلف شهرن ۾ اهڙا دل ڏکائيندڙ واقعا پيش ايندا آهن ۽ ڪجهه ٻارڙن کي ته زيادتي جو نشانو بڻائي کين قتل ڪيو ويندو آهي قانون لاڳو ڪندڙ ادارا اهڙن درندن جي گرفتاري ۽ روڪ ٿام لاءِ ڪو عمل جوڙين. هن چيو ته صوبائي توڙي وفاقي حڪومت طرفان اهڙي قسم جي واقعن کي روڪڻ لاءِ آگاهي مهم هلائي وڃي ۽ ظلم جو شڪار ٻارڙن کي ڪيس داخل ڪرڻ جي ترغيب ڏني وڃي. ان ڏس ۾ والدين کي به ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ته هو ٻارن تي نظر رکن ۽ انهن جي تربيت ڪن ته هو اجنبي ماڻهن تي اعتبار نه ڪن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو