لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ بنگلا ديش ۾ ٻئي ٽي ٽوئنٽي ميچ قذافي اسٽيڊيم ۾ جاري آهي. بنگلاديش هن ميچ ۾ به پهري ميچ جيان ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ 20 اوورز ۾ 6 وڪيٽن تي 136 رنز ٺاهي سگهيو. ٽن ميچن جي سيريز ۾ پهرين ميچ پاڪستان 5 وڪيٽن تان کٽي ورتي هئي. ٻئي ميچ 9 وڪيٽن تان لٽي ورتي. پاڪستان پاران ڪپتان بابر اعظم ۽ احسان علي اننگ اوپن ڪئي، بنگلاديش جو پهريون اوور اسپنر مهدي ڪرايو ۽ صرف هڪ رن ڏني. ٻئي اوور ۾ احسان علي زيرو تي ڪيچ آئوٽ ٿي ويو. جنهن بعد حفيظ ۽ بابر اعظم ٻئي وڪيٽ جي وننگ پارٽنرشپ ۾ با آساني ميچ کٽي ورتي. حفيظ 67 ۽ بابر 66 ناٽ آئوٽ رهيا 16.3 اوورز ۾ ٽارگٽ حاصل ڪري ورتو. بابر اعظم مين آف دي ميچ ۽ حفيظ سمارٽ پليئر آفي دي ميچ حاصل ڪيو.
بنگلاديش جي ڪيپر حفيظ جو آسان ڪيچ ففٽي هڻڻ بعد ڊراپ ڪيو. ميچ جي ٻئي اوور جي ٻئي بال تي شاهين آفريدي جي بال تي نعيم شيخ زيرو تي ڪيپر هٿان ڪيچ آئوٽ ٿي ويو. مهدي 9 رنز ٺاهي حسنين جي بال تي ڪيچ ٿيو، تميم اقبال جو ڪيچ ڪيپر ڊراپ ڪيو، حسنين جي اوور ۾ ت؟ين وڪٽ ضايع ٿي. شاداب جي بال تي لٽن 8 رنز ٺاهي ايل بي ڊبليو ٿي ويو.عفيف 21 رنز ٺاهي حسنين جي بال تي ڪيچ ٿي ويو. تميم اقبال 65 رنز ٺاهي عماد جي ڊائريڪٽ ٿرو تي رن آئوٽ ٿيو.
حارث رئوف آخري اوور جي پهرين بال تي ڪپتان محمود الله کي بولڊ ڪيو. پاڪستاني ٽيم ۾ بابر اعظم سميت محمد حفيظ، شعيب ملڪ، افتخار احمد، محمد رضوان، عماد وسيم، شاداب خان، شاهين آفريدي، محمد حسنين ۽ حارث رئوف شامل آهن. جڏهن ته بنگلاديش جي ٽيم محمد محمودالله، تميم اقبال، محمد نعيم، مٽن داس، متحمد مٿن، سوميا سرڪار، عفيف حسين، امين الاسلام، الامين حسين، شفيع الاسلام ۽ مستفيض الرحمان تي مشتمل هئي.