پاڪستان کان انگلينڊ جي جونيئر ٽيم سيريز کٽي ورتي

لارڊز (ويب ڊيسڪ) انگلينڊ ٻئي ون ڊي 52 رنز تان کٽي ٽن ميچز ۾ لڳاتار ٻن ميچز ۾ ڪاميابي حاصل ڪري پاڪستان کان سيريز کٽي ورتي آهي. ٻئي ون ڊي ۾ انگلينڊ جي 247 رنز جي جواب ۾ بيٽنگ ڪندي پاڪستاني ٽاپ آرڊي ۽ مڊل آرڊر بيٽنگ ناڪام رهي. امام الحق پهرين ميچ جيان هن ۾ به نه هليو هڪ رن ڄاهي گريگوري جي بال تي سمپسن هٿان ڪيچ ٿيو. بابر اعظم 4 چوڪن جي مدد سان 19 اسڪور ٺاهي ثاقب محمود هٿان ايل بي ڊبليو ٿيو، محمد رضوان 5 رنز ڄاهي ثاقب جي بال تي ڪيپر سمپسن هٿان ڪيچ ٿيو، فخرالزمان 45 بالن تي 10 رن ٺاهي ڪريه اوورٽن جي بال تي بولڊ ٿيو، سعود شڪيل محطاط بيٽنگ جاري رکي پر ٻئي اينڊ تان وڪيٽون ڪرنديون رهيون، صهيب مقصود 19 ٻن چڪن جي مدد سان 17 بالن تي 19ن رنز ٺاهي ڪريگ جي بال تي سمپسن هٿان ڪيچ ٿيو، شاداب خان 21 رنز ٺاهي گريگوري جي بال تي پارڪنسن هٿان ڪيچ ٿيو، فهيم اشرف 9 بالن تي هڪ رن ٺاهي پارڪنسن جي بال تي ڪيپر هٿان ڪيچ ٿيو، حسن علي 3 چڪن ۽ ٻن ڇوڪن جي مدد سان 17 بالن تي 31 رنز ٺاهي برائڊن جي بال تي ڪريگ هٿان ڪيچ ٿيو، 33 اوورز ۾ 158 تي 8 آئوٽ هئا. سعود شڪيل جو ساٿ ڏيڻ شاهين آفريدي ڪيريز تي هو. انگلس بالرن ٽيسٽ ميچ جيان جارحانه فيلڊ ترتيب ڏئي ٽائيٽ لائين ۽ لينٿ تي بالنگ ڪئي.نائين وڪيٽ جي شراڪت آفريدي ۽ سعود شڪيل 40 رنز جو اضافو ڪيو ۽ سود جي ففٽي به مڪمل ٿي جنهن بعد هو بائونڊري تي 192 جي مجموعي اسڪور تي ڪيچ ٿيو، 4 چوڪن جي مدد سان 77 بالن تي 56 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو ته پاڪستان جي آخري اميد به ختم ٿي. 195 تي پاڪستان آل آئوٽ ٿي ويو ۽ انگلينڊ ٽن ميچز جي سيريز ۾ لڳاتار ٻن ميچز ۾ ڪاميابي حاصل ڪري سيريز کٽي ورتي.

انگلينڊ ۽ پاڪستان ۾ ٻئي ون ڊي بارش سبب دير سان شروع ٿيڻ تي ٻنهي ڌرين کي 47 اوورز کيڏڻا هئا. ٻنهي ٽيمن ۾ ڪا به تبديلي ناهي. پاڪستان ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. ميزبان ٽيم 45.2 اوورز ۾ 247 رنز ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. حسن علي 5 وڪيٽون ورتيون. انگلينڊ جو آل رائونڊر ڪپتان بين اسٽوڪس 100 هين ون ڊي کيڏي رهيو آهي. فِل سالٽ ڊيوڊ ملن اننگ شروع ڪئي ته ٻئي اوور ۾ 9 رنز جي مجموعي اسڪور تي ڊيوڊ ملن بنا رن اسڪور ڪئي حسن علي جي بال تي ڪيچ ٿيو. پهرين ون ڊي ۾ هن 68 ناٽ آئوٽ رنز ٺاهيون هيون ۽ فل سالٽ جلدي آئوٽ ٿيو هو پر هن ميچ ۾ فل سالٽ 10 چوڪن جي مدد سان 60 رنز ٺاهي پهرين ون ڊي ۾ ٻيبيو ڪندڙ سعود شڪيل هٿان بولڊ ٿيو. زيڪ ڪرالي زيرو تي موٽيو ۽ شاهين جو پهريون شڪار بڻيو. جيمسز ونس 56 رنز ٺاهي شاداب جي بال تي بولڊ ٿيو. بين اسٽوڪ کي حسن علي 22 رنز تي بولڊ ڪيو، جان سمپسن به 17 رنز ٺاهي حسن علي جي بال تي بولڊ ٿيو، ڪريگ اوورٽن زيرو تي حسن علي جي بال رضوان هٿان ڪيچ ٿيو. امپائر آئوٽ نه ڏنو پر رويو م آئوٽ ٿيو، 32 اوورز ۾ 7 وڪيٽن تي انگلينڊ 5.88 رن ريٽ سان 187 رنز ٺاهيون هيون. ليوس گريگوري ۽ بريڊن ڪرز جي پارٽنر شپ انگلينڊ کي سهارو ڏنو ۽ گريگوري 4 چوڪن جي مدد سان 40 رنز ٺاهي حارث سهيل جو شڪار بڻيو رضوان سندس ڪيچ پڪڙيو.

پهنجو تبصرو موڪليو