يو سي چيئرمين سميت 4 جوابدارن تي قتل ڪيس داخل

شيخ ڀرڪيو (مظفر علي بروهي )يو سي چيئرمين سميت 4 ڄڻن تي قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. هوسڙي ٿاڻي جي حد ۾ ٽي ڏينهن اڳ گوليون ۽ ڪهاڙيون هڻي بيدردي سان قتل ڪيل جلال الدين ٽنگڙي جي قتل جو ڪيس  سندس ڀاءُ غلام رسول ٽنگڙي جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ يوسي عالماڻي جي چيئرمين حاجي محب ٽنگڙي سڀاگو ٽنگڙي, بگو  ٽنگڙي ۽ پپو ٽنگڙي کي جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن جي گرفتاري لاء ڇاپا هڻي رهيا آهيون جلد  جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته پوليس مٿي ڄاڻايل سڀاڳو پپو ٽنگڙي  ۽ بگو ٽنگڙي جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي پر سندن گرفتاري ظاهر نه پئي ڪئي وڃي. يوسي عالماڻي جي چيئرمين حاجي محب ٽنگڙي جو چوڻ آهي ته مقتول منهنجو مائٽ ۽ عزيز آهي وچ وارا اسان مائٽن کي وڙھائي رھيا آهن آئون بيگناھ  آھيان مون تي ڪوڙا الزام آهي. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته تترن جي ڳالهه تان ٿيل بدڪلامي بعد مقتول جو خون ڪيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو