يوٽيلٽي اسٽور شهرين لاءِ عذاب بڻجي ويو

ميرپورخاص(بشير شاهه) شهرين جو چوڻ آهي ته اسان کي صبح کان يوٽلي اسٽور ٻاهران  کنڊ ، گهي ۽ تيل لاء لائينن ۾ بيهڻو ٿو پوي يوٽلٽي اسٽور تي موجود عملو روزاني بنياد تي بدتميزي ڪري ٿو ۽  اسان کي سڄو ڏينهن انتظار ڪرڻو پوي ٿو انهن جو وڌيڪ چوڻ هو ته اٽو ، کنڊ ، آئل ، گيهه ، دال ۽ چڻا پرائيويٽ دڪانن تي وڪرو ڪيا وڃن ٿا، ان ڪري اسان کي پريشاني ٿي رهي آهي انهن  ڪمشنر ، ڊائريڪٽر يوٽلٽي اسٽور ، ڊي سي ميرپورخاص کي اپيل ڪئي ته هو جاچ ڪرائي ذميوارن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو