يوم دفاع ۽ موجوده حالتن جي تقاضا

محمد فاروق ٻرڙو قادري

پاڪستان ۾ ھن نفسا نفسي دور ۾ ھر ماڻھو ھن وقت پريشانين ۾ مبتلا آهي، غريب ھجي يا امير پر حالتن اھڙي تہ صورتحال اختيار ڪئي آهي جو زندگيءَ جو ڪاروهنوار ھلائڻ بہ مشڪل بڻيل آهي، ھڪ طرف ڪورونا وائرس جي بيماري سبب ماڻهن ۾ خوف واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي تہ ٻئي طرف لاڪ ڊائون ۽ بيروزگاري ٿيڻ جي ڪري ماڻهو بکن ۾ مري رهيا آهن، 

قومن تي مشڪل گھڙيون اينديون رهنديون آهن ۽ قومن جو اصل امتحان اھو ھوندو آھي تہ انھن مشڪل گھڙين کي اھي ڪھڙيءَ ريت منھن ڏين ٿيون، اڄوڪو ڏينهن اسان کي پنهنجي ان مشڪل گھڙيءَ جي ياد ڏياري ٿو، جڏهن اڄ کان 57 ورھيہ اڳ روايتي حريف ڀارت رات جي اونداھيءَ ۾ پاڪستان تي حملو ڪري ڏنو ھو، تڏهن نہ تہ پاڪستان وٽ ايتري عسڪري قوت ھئي نہ وري اسلحو، پر ڀارت جي ڀيٽ ۾ پاڪستان وٽ جيڪا سڀ کان سگھاري شيءِ ھئي سا ھئي ايمان جي طاقت ۽ وطن جي محبت ۽ وطن سان سچائي، ان جنگ ۾ نہ رڳو پاڪ فوج جي جوانن پر عام ماڻهن بہ ڀرپور حصو ورتو ۽ پنهنجي جان سان بارود ٻڌي دشمنن جي ٽينڪن ھيٺان ليٽي، انھن کي تباھ ۽ برباد ڪري ڇڏيو، نتيجي ۾ پاڪستان کان ڏھوڻي طاقت رکندڙ ڀارت کي جھڙي ريت شڪست جو منهن ڏسڻو پيو، اڄ ان ڏينهن جي ياد ۾ ميڙاڪا، ريليون، سيمينار ۽ ٻيا پروگرام ڪورونا وائرس جي ڪري نہ ٿي سگھيا آهن، جن ۾ 1965ع جي جنگ دوران شھيد ٿيندڙن کي خراج تحسين پيش ڪيو ويندو، ھن ڀيري يوم پاڪستان ھڪ اھڙي ماحول ۾ آيو آهي، ڪورونا وائرس ۽ لاڪ ڊائون جي ٽائيم تي اچي ويو آهي جنهن ٽائيم ۾ نہ ڪو ئي شھيدن جي ياد ۾ خراج تحسين پيش ڪري سگھون ٿا ۽ نہ ئي وري ڪو پروگرام يا سيمينار ڪري سگهجي ٿو، بس شھيدن جي ياد ۾ ۽ شھيدن جي ايثال ثواب لاءِ گھرن ۾قرآن خواني ڪئي وڃي، ڪشمير اسان جي رت ۾ شامل آهي، ڪشميرين لاءِ آخري سپاھي تائين وڙھنداسين ۽ ڪنھن بہ حد تائين وڃي سگھون ٿا،

سڀني فورمز تي ڳالهيون رکڻ کان پوءِ جيڪڏھن ڀارت پنھنجي ھٺ تان ھيٺ لھڻ لاءِ تيار ناهي ۽ دنيا ان آڏو ڪڇڻ لاءِ تيار ناهي تہ پوءِ ٻئي ڌر وٽ آخر ڪھڙو رستو بچي ٿو،؟ اھا تہ فطري ڳالھ آهي تہ ھيڻا ۽ ڪمزور پکي بہ پنهنجي آکيري مٿان جڏهن ڪنهن مصيبت کي وڌندي ڏسندا آهن تہ اھي گڏ ٿي ان جو مقابلو ڪندا آهن، اسين تہ وري بہ ھڪ ائٽمي طاقت آھيون، جيڪڏهن پاڪ فوج ۽ عوام 1965ع واري جنگ ۾ ڀارت کي شڪست ڏئي سگهي ٿو تہ پوءِ 56 ورھين جي ڀيٽ ۾ اڄ اسين نہ رڳو وڌيڪ مضبوط ۽ مستحڪم آھيون، پر ويڙھ جي سمورين مشقن مان گذرندا بہ رھيا آھيون، خاص ڪري انتھا پسندي ۽ دھشتگردي خلاف پاڪ فوج جي جوانن جنھن جذبي جو مظاهرو ڪيو آهي، سو دنيا آڏو ھڪ مثال آهي، تنھن ڪري ڪنھن کي بہ ان گمان ۾ نہ رھڻ گھرجي تہ ڪو اسين ھيڻا آھيون، جيڪڏهن صبر ۽ تدبر جو مظاھرو ڪري رهيا آھيون تہ فقط ان لاءِ جو اسين دنيا کي تباھ ٿيندو ڏسڻ نہ ٿا چاهيون، اسين جيئو ۽ جيئڻ ڏيو واري پاليسي تي عمل پيرا آھيون، پر جيڪڏهن جيئڻ نہ ڏنو ويو تہ پوءِ پنھنجا اھي سمورا آپشن استعمال ڪرڻ جي حق ۾ آھيون، جيڪي ڪا بہ رياست پنهنجي بچاءَ خاطر اختيار ڪرڻ لازمي سمجهندي آهي،

بھرحال اڄوڪو ڏينهن اسان کان اھا تقاضا ڪري ٿو تہ ماضيءَ جيان پنھنجا سمورا اندريان تڪرار وساري ملڪ ۽ قوم جي ڀلي خاطر ھڪ آواز بڻجون ۽ پنهنجي رياست کي مضبوط کان مضبوط ڪرڻ لاءِ اھو وچن ڪريون تہ اسين ڪنھن بہ مشڪل گھڙيءَ ۾ پير پوئتي نہ ڪنداسين، اسان جو اھو وچن دشمنن جا حوصلا خطا ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي، ۽ الله رب العالمين جي بارگاه ۾ دعا آهي تہ الله پاڪ پنهنجي پياري حبيب ڪريم صلي اللہ عليہ وآله وسلم جي صدقي پاڪستان جي ھر مصيبت دور فرمائي ۽ ڪورونا وائرس جي بيماري کان پاڪستان مان ختم ڪري ۽ بيمارن کي شفا عطا فرمائي آمين.         farooqburiro9@gmail.com

پهنجو تبصرو موڪليو