يوم دفاع جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، ريليون ۽ تقريبون

ڪراچي(نمائندن وٽان) سڄي ملڪ جيان سنڌ ۾ به يوم دفاع ڀرپور جوش جذبي سان ملهايو پيو وڃي سنڌ جي مختلف شھرن ۾ ريليون ڪڍي ۽ پروگرام منعقد ڪري يوم دفاع جي شھيدن کي خراج تحسين پيش ڪئي وئي. ***بدين مان مرتضيٰ ميمڻ موجب ڇهه سيپٽمبر دفاع واري ڏهاڙي جي موقعي تي برگيڊيئر سيد آغا عباس علي برگيڊ ڪمانڊر 206 برگيڊ بدين ڪينٽ منوڀائي ٿيليسيميا ڪيئر سينٽر بدين جو دورو ڪيو ۽برگيڊ ڪمانڊر پاڪ آرمي جي شهيدن جي گهر وڃي انهي جي وارثن سان ملاقات ڪئي ۽ شهيدن جي وارثن کي يقين ڏياريندي چيوته پاڪستان لاءِ جان جو نظرانو ڏيندڙ پاڪ آرمي جي شهيدن جي وارثن کي اڪيلو نه ڇڏيو ويندو.

Photo Sindhyar

انهن جي هر سطح تي مدد به ڪئي ويندي ۽ هن انهي موقعي تي تحفا پڻ وارثن کي ڏنا انهي موقعي تي ليفٽيننٽ ڪرنل محمد شاهد، ميجر عمران، اي ڊي سي ٽو بدين گدا حسين سومرو، مختيارڪار نبي بخش سولنگي ۽ ٻيا موجود پڻ هئا.***روھڙي ۾ پاڪستان پيٽرياٽڪ يوٿ سکر جي جنرل سيڪريٽري اي ڊي گھنڃو ضلعي صدر سيد عاطف حسن شاھ جنرل سيڪريٽري خالد حسين شر جي قيادت ۾ ٻيڙي چوڪ کان روھڙي پریس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي ريلي شاگردن سميت شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. سندن هٿن ۾  قومي جھنڊا ۽ پاڪ فوج جي سربراھ جون تصويرون هيون ۽ پاڪستان فوج زندہ باد جا نعرا لکيل هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو