ياسر حسين ۽ اقراءَ عزيز نئين سال کان اڳ شادي ڪري ڇڏيندا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اُڀرندڙ ادڪاره اقراءَ عزيز ۽ اداڪار ياسر حسين هلندڙ سال جولاءِ ۾ ڪراچي ۾ ٿيندڙ لڪس اسٽائيل ايوارڊ تقريب ۾ سڀني جي سامهون منڱڻي ڪري سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو هو. ايوارڊ تقريب ۾ ياسر حسين منفرد انداز ۾ اقرا عزيز کي مڱڻي جي پيش ڪش ڪئي هئي جنهن کي اداڪاره قبول ڪندي ان جي خوشيءَ کي ٻيڻو ڪري ڇڏيو هو. شاديءَ جي پيش ڪش قبول ڪرڻ کان پوءِ ياسر حسين اقرا عزيز کي سڀني جي سامهون ڳيٽي تي چمي به ڏني هئي جنهن ته ماڻهن طرفان سخت رد عمل به سامهون آيو هو. هاڻي مڱڻي بعد ٻنهي جي شادي بابت خبرون شروع ٿي ويون آهن شادي متعلق اقرا عزيز چيو آهي ته ٻنهي جي شادي جلد ٿيندي پر اسان سادي انداز ۾ شادي ڪرڻ چاهيون ٿا جيڪا اسان جي گهرن ۾ ٿيندي. ٻئي طرف شادي واري سوال تي ياسر حسين ٻڌايو ته شادي ۾ جيڪڏهن سينئر فنڪارن کي گهرايو ويو ته مان بطور گهوٽ هڪ جڳهه تي ويهي انهن کي نظرانداز نه ٿو ڪرڻ چاهيان منهنجو خاندان منهنجي شادي ۾ شريڪ ٿئي ان ڏينهن تي صرف مان انهن جي شرڪت ئي چاهيان ٿو جنهن کان پوءِ اسان انڊسٽري جي دوستن لاءِ تقريب جو بندوبست ڪنداسين. هن وڌيڪ چيو ته اسان شادي تي وڏو خرچ ڇو ڪيون مان پنهنجي شادي تي اهو مثال قائم ڪرڻ چاهيان ٿو ته اسان مهانگي شادي جا خواهشمند ناهيون دوست ۽ گهروارا سڀ گڏ هجن ته اها شادي به وڏي هوندي آهي. رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته ياسر حسين ۽ اقرا عزيز هلندڙ سال جي 25 کان 28 ڊسمبر تائين شادي ڪندا شادي سنڌ جي دارالحڪومت ڪراچي ۾ سادگي سان منعقد ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو