وڻ پوکي وڏو انقلاب آڻي ماحول کي بهتر بڻائي سگهجي ٿو

ليکڪ  عبدالفتاح عباسي

وزير اعظم عمران خان وڻڪاري مهم جي افتتاح ڪرڻ جي موقعي تي چيو آهي ته وڻ پوکڻ اسان جو جياپو آهي ، عوام ملڪ ۾ ٻيلن جو احاطو وڌائڻ لاءِ وڻڪاري مهم ۾ ڀرپور حصو وٺي اسان کي گلوبل وارمنگ سان وڙهڻو آهي، هن چيو ته اسانجي  بدقسمتي  آهي جو ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ اسان وٽ ٻيلا تمام گهٽ آهن ڇو ته ماضيءَ ۾ ان معاملي کي نظرانداز ڪيو ويو، گدلاڻ جي اثرن کي ختم ڪرڻ لاءِ پاڪستان کي سر سبز بڻائڻو پوندو اسان جو مقصد  ايندڙ نسلن لاءِ بهتر پاڪستان ڇڏڻ آهي، جيڪڏهن ايندڙ ٽن هفتن دوران هر ماڻهو گهٽ ۾ گهٽ هڪ وڻ پوکي ته اهڙي طرح وڏو انقلاب اچي سگهي ٿو. وڻ هڪ اهڙو جانور آهي جيڪو پکين کي ڇانو لاءِ جڳهه ڏيئي ٿو، برساتين کي آني ٿو، آلودگي کي ختم ڪري ٿو، آڪسيجن وڌائي ٿو، گرميءَ کي گهٽ ڪري ٿو، شور شرابي ۾ گهٽتائي آڻي ٿو، مزيدار ڦل فروٽ ميواجات ڏيندو رهي ٿو، تتل سج جي روشنيءَ ۾ ڇانوءَ جو ذريعو بڻجي ٿو، ٻوڏ دوران مٽيءَ جي حفاظت ڪري ٿو ۽ سڀ کان اهم ڳالهه ته توانائيءَ جو اهم ذريعو ٿئي ٿو، 15 جولاءِ کان 15 آگسٽ تائين پنهنجن شهرن کي سر سبز بڻائن لاءِ وڻڪاري مهم ۾ ڀرپور حصو وٺي قومي جاڳرتا جو ثبوت ڏنو وڃي. سنڌ ۾ گرميءَ جي شدت ماڻهن جا لاهه ئي ڪڍي ڇڏيا آهن، سنڌ جي اڪثر علائقن ۾ اهڙي ته گرمي آهي جو سياڻن چواڻي ته گرميءَ ۾ ڪانوءَ جي اک ٿي نڪري پئي، حڪومتي سطح تي گرميءَ جي زور کي گهٽائڻ لاءِ ڪي به ڪڏهن اپاءَ نه ورتا ويا آهن،  جڏهن ته سڌريل ملڪن ۾ گرميءَ جو زور کي گهٽائڻ لاءِ اتان جو هرهڪ فرد مرد توڙي عورتون، ٻار توڙي ٻڍا هڪ مهم جيان وڻ پوکڻ لاءِ سرگرم ٿي ويندا آهن، هن ملڪ ۾ رڳو وفاقي گاديءَ واري شهر اسلام آباد شهر ۾ وڻ پوکڻ لاءِ زور شور سان ايورنيس سجاڳي بيداري مهم شروع ڪئي وئي باقي نه ته سموري ملڪ ۾ خاص ڪري سنڌ ۾ رڪارڊ رهندڙ گرمي 52 سينٽي گريڊ تائين جنهن گرميءَ ۾ اٽو تئي تي رکيو وڃي ته ماني پنهنجو پاڻ پچي وڃي، هن رڪارڊ گرميءَ ۾ ماڻهو ڏينهن لڳڻ سبب بيمارن جي ور چڙهي وڃن ٿا، ڏينهن جي تپش گرميءَ جي شدت ماڻهن کي بي حال  بڻائي ڇڏي ٿي پر پوءِ به وفاقي حڪومت ، صوبائي سنڌ جي حڪومت يا ضلع انتظاميه  انهي سلسلي ۾ گرميءَ مان ڪنهن حد تائين ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ ڪي به قدم نه کڻڻ پنهنجي عوام سان سنئين سڌي دشمني چئبي، جڏهن ته پنهنجي ئي ملڪ جي هڪ صوبي خيبرپختونخوا  ( ڪي پي ڪي )  اندر پرائمري اسڪول کان ويندي مڊل ۽ هاءِ اسڪول سميت ڪاليج ۽ يونيورسٽي جي انتظاميه کي انهي شيءِ جو پابند بڻايو ويندو آهي ته اهي پنهنجي تعليمي اداري ۾ اڳ ۾ گرينري ساوڪ ئي ساوڪ وارو ماحول بڻايو پوءِ توهان جي ادارن ۾ وزٽ ڪيو ويندو ۽ پوءِ توهان جي اداري ۾ امتحان لاءِ اعليٰ عملدار ايندا. جنهن ڪري انهي صوبي جي اندر هر طرف ساوڪ سان سينگاريل ماحول اکين کي وڻندڙ لڳندو آهي ۽ شاگردن کي اهڙي بهتر گل و گلزاريءَ واري ماحول ۾ پڙهڻ سان وڌيڪ دلچسپي پيدا ٿيڻ لڳندي آهي ۽ اتان جي شاگردن جي اهڙي ماحول ۾ صحت تندرستي بهتر رهي ٿي، جڏهن ته سنڌ جي اندر تعليمي ادارن ۾ وڻ گل ٻوٽا نه لڳائڻ جي ڪري گرميءَ ۾ واڌ اچي ٿي ۽ ٻوساٽيل گرميءَ واري ماحول ماڻهو ماڻهوءَ کان بيزار لڳو پيو آهي، ڪرونا لاڪ ڊائون سبب هن وقت ته سنڌ جا تعليمي ادارا بند آهن نه ته هرسال گرميءَ جي موسم ۾ گرمي جي وئڪيشن کان اڳ ۽ پوءِ تعليمي ادارن ۾ ڪلاس رومن ۾ سٿيل ٻارڙن جي بيهوشيءَ جي دورن واريون خبرون پڙهندا آهيون، انهي لاءِ هاڻي تعليمي ادارن ۾ موڪلون آهن ته اتان جي انتظاميه کي پابند بڻايو وڃي ته هو اسڪولن جي هيٺين عملي چوڪيدارن پٽيوالن کي سختي سان هدايت ڪن ته وڻ ٻوٽا اسڪول ۾ پوکين ۽ ساوڪ ڀريو ماحول تيار ڪن نه ته هيءَ گرمي جيڪا انساني حيات جي ويري دشمن آهي،اها آلودگيءُ ڪري انساني نشو نما جي خاتمي لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿيندي. توهان جيڪي وڻ ٻوٽا لڳايو ٿا اهي نه صرف گاڏين جي دونهين کي ختم ڪرڻ لاءِ فائدي مند آهن پر گڏوگڏ ئي اهي انساني نشو نما ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ آهن. وڻ پوکڻ سان اسانجي پوري معاشري تي بهتر کان بهتر نتيجا ملندا رهن ٿا اها اسان سڀني جي اهم ذميواري آهي ته هن  وڻڪاري مهم ۾ اسان پنهنجو پاڻ دوستن احبابن سنگت کي انهي سلسلي ۾ ڪوٺ ڏيندي اها ڳالهه واضع ڪندا هلون ته اسان وٽ ۽ وڻڪاري مهم ۾ صرف رسمي فارملٽي طور سرڪاري انگ اکر پڌرا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي. زراعت کاتو ڪهڙي وڻڪاري مهم ڪندو آهي اها سڀني کي معلومات آهي انهي لاءِ اسان مان هرهڪ فرد مرد توڙي عورت ، پٽ تُري ڌيءَ ، اسڪول توڙي ڪاليج ۽ يونيورسٽي کان ويندي هرهڪ سرڪاري ۽ نجي پرائيويٽ آفيسن ادارن ۾ جيڪڏهن سچائيءَ سان صرف هر سال بهار جي موسم 16 فيبروري کان 15 اپريل تائين وڻ پوکڻ جي مهم کي سنڌ جي ٽوپي اجرڪ ثقافتي ڏهاڙي جيان ذميواريءَ سان  نڀائڻ جو وچن ڪندي اسان سڀ ڀرپور حصو وٺو ته جيڪر سنڌ جي ساوڪ ۽ سبزگي جو اظهار ڪرڻ لڳي. اسان ڏسون ٿا ته اسلام آباد، لاهور ، ڪوهه مري ، ايوبيه ، ڪالام ، ڪاغان، ناران ،سوات، بحرين سميت ٻين اترين علائقن ۾ آبهوا ڇاڪاڻ خوشگوار ۽ سر سبز ۽ ساوڪ سان ڀرپور ۽ ٽمٽار بڻيل آهي ؟. انهي ڪري جو اتان جا ماڻهو پنهنجن علائقن ۾ وڻ لڳائڻ کي هڪ وڏي عبادت سمجهندا آهن ۽ وڻ جي خاتمي ۽ ڪٽڻ کي برو عمل نه پر پنهنجو ازلي دشمن سمجهندا آهن ۽ وڻن جي ڪٽوتي واري سبب جي ڪري اترين علائقن ۾ خوني جهيڙا پڻ ٿيندا رهيا آهن جنهن جا ميڊيا ۾ واقعا ايندا رهندا آهن. مقصد ته اهي وڻ جي آبياريءَ کي پنهنجي عظيم مشغوليت ۽ عبادت سمجهن ٿا ۽ انهي جي خاتمي کي انتهائي خراب ۽ گهٽيا حرڪت تصور ڪن ٿا. جيڪڏهن اسان به پنهنجي ڌرتي سنڌ ڌرتي جي سونهن ۽ خوبصورتي ۾ اضافو ۽ واڌارو چاهيون ٿا ته پوءِ اسان مان هرهڪ کي به پنهنجي گهرن، پنهنجن شهرن، پنهنجن دفترن آفيسن، پنهنجن پرائيويٽ ۽ سرڪاري  اسڪولن ، ڪاليجن ، ڪمپيوٽر سينٽرن، سمورن بئنڪن ، واپڊا ، صحت کاتي ، انشورنس ڪمپنين، هوٽلنگ اسپاٽ  سميت هرهڪ جڳهه تي هن وڻڪاري مهم ۾ حصو وٺڻ گهرجي.

File Photo

انهي سلسلي ۾ اسڪولن ، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي استادن کي کپي ته اهي پنهنجن پنهنجن تعليمي ادارن ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي هڪ وڻ لڳائڻ جي اهميت ۽ افاديت سمجهائين ته انهن جي هڪ وڻ جي لڳائڻ جا ڪيترا فائدا آهن ۽ وڻ اسانجي ماحول ۾ ڇاڪاڻ لازمي ۽ ضروري آهن. دنيا هن وڌندڙ گاڏين جي شور شرابي کان تنگ ٿي چڪي آهي ۽ اسان مان اڪثر ماڻهو گاڏين جي رش ۽ دونهين جي نقصانن سبب بيمارين جي بستري تي پهچي چڪا آهن ۽ وڌندڙ آلودگيءَ سبب گندلاڻ پيدا ٿي رهي آهي. انهي سڄي بدبودار ماحول مان نڪرڻ جو واحد حل پنهنجن گهرن ، شهرن ۽ علائقن ۾ وڌ ۾ وڌ وڻ لڳايا وڃن جيئن پوري ماحول تي بهتر اثر پئجي سگهي ۽ اسان وٽان وڌندڙ بيمارين جو خاتمو اچي سگهي. انهي لاءِ مسجد جا خطيب صاحب به پنهنجي واعظ نصيحت ۾ جمعي جي خطابات ۾ بيان ڪندي وڻ جي لڳائڻ تي زور ڀريندي هن انساني ڀلائيءَ جي پيغام کي اڳتي بهتر انداز ۾ وڌائي سگهن ٿا.اسان مان هرهڪ جيسيتائين ذميدارنه انداز ۾ هن وڻن جي لڳائڻ واري مهم ۾ حصو نٿو وٺي ته پوءِ هيءُ عبادت ڪرڻ وارو عمل اڌورو ۽ نامڪمل رهجي سگهي ٿو. اسان ڪنهن مير، نواب، رئيس ۽ ڀوتار ڪنهن سرڪاري ڪاموري جي انتظار بجاءِ پنهنجي مدد پاڻ تحت سنڌ ۾ وڻ پوکي هڪ اهڙي نيڪي ۽ ڀلائي حاصل ڪري سگهون ٿا جنهن جو ڪو متبادل ئي نٿو ٿي سگهي. وڻ ۽ انهيءَ جي پنن جي ٿيندڙ عبادت سان اسان جا شهر علائقا مستفيض ٿيندا ۽ پوري علائقن ۾ آلودگيءَ جي لعنت مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهجي ٿو انهي لاءِ اسان کي پنهنجي ڪاوشن ۽ ڪوششين ۾ مخلصانه نيڪ نيتي ۽ اخلاص جي ضرورت لاءِ وڌ ۾ وڌ وڻ لڳائيڻ لاءِ ٻين جو انتظار نه ڪرڻ گهرجي ته فلاڻو خان وڻ لڳائي ۽ افتتاح ڪري ته پوءِ مان به رسمي انداز مان به وزيرن ۽ ڪامورن جيان فوٽو سيشن ڪڍرائي وڻن جي مالڪي کان لاتعلق بڻجي وڃون اها رسم ادا نه ڪئي وڃي بلڪ هن حقيقي وڻن جي پوکڻ واري پيغام ۾ هڪ هڪ پنهنجي علائقن ۽ شهرن ۾ خوبصورتي ۽ سونهن جي واڌاري لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته اها اسان سڀني جي اهم ذميواري آهي ته هن معاشري ۾ بهتر کان بهتر انساني خدمت ڪندي وڻن کي پوکيءَ ۾ پاڻ اڳتي اچون ته جيڪي آلودگيءَ جي وباءَ مان به هميشه جي لاءِ نجات حاصل ڪري سگهون ٿا. وڻ لڳائڻ حقيقي معنيءَ ۾ اسان پنهنجي ماحول کي هڪ بهتر روايت ڏانهن وٺي وڃڻ جي پيش رفت ڪريون ٿا ۽ اها اسانجي خاندان، عزيزن، مٽن مائٽن، دوستن ، احبابن ۽ پوري شهر ۽ علائقن لاءِ هڪ خوشگوار اميد پڻ آهي. انساني جياپي لاءِ وڻ ٻوٽا پوکڻ جو سلسلو زور شور سان جاري ڪرڻ لاءِ حڪومتي سطح تي ضلع انتظاميه پاران سمورن سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارن آفيسن کي سختيءَ سان عملي ڪم ڪرڻ لا۽ وڻ ٻوٽا وڌ ۾ وڌ  پوکڻ لاءِ زودار مهم شروع ڪئي وڃي جنهن جي هن قهر جهڙي گرميءَ ۾ اشد ضرورت آهي. وڻ لڳائڻ صدقه جاريه آهي. اسان جي پياري آقا و مولا حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم جن جو فرمان عاليشان آهي ته “ مسلمان جڏهن ڪو وڻ لڳائي ٿو ۽ انهيءَ مان ڪو ماڻهو يا جانور ميوو کائي ٿو انهيءَ جي لاءِ صدقو هوندو آهي. الله جي نعمتن مان هڪ وڏي نعمت اسان جي چوڌاري جيڪي گل ٻوٽا، وڻ ٽڻ آهن اهي اسان جي صحت لاءِ فائدي مند آهن جڏهن ته انهن وڻڻ ٻوٽن لڳائڻ سان ماحول تي بهتر اثر پوڻ لڳي ٿو ۽ اهڙي خوشگوار زندگيءَ ڏانهن وڌن لڳي ٿو. توهان ڏٺو هوندو ته اترين علائقن جا خيبر پختونخوا جا ماڻهو ڳاڙها اڇا ڀورا لال لڳا پيا هوندا آهن جنهن ڪري اڪثر اسان سنڌي انهن کي ٻيو ڪجهه نه پر لالو پٺاڻ چوندا آهيون. موسم جي بهتر ٿيڻ سان ماحول تي وڌ ۾ وڌ اثر پوڻ لڳي ٿو ۽ جڏهن موسم خوشگوار رهندي ته لازمي طرح صحت تي بهتر اثر پوندو آهي توهان سڀ کان وڌيڪ بيمارين جو تعداد سنڌ ۽ پنجاب ۾ ڏسندئو پر اترين علائقن ۾ انهي جي نسبت گهٽ آهي ڇاڪاڻ ته اسان وٽ وڻ ٻوٽا ناهن ۽ ڪي پي ڪي ۾ وڌ ۾ وڌ گل و گلزاري وڻ ٻوٽا آهن ۽ انهي جي ڪري ڪي پي ڪي جي حڪومت سياحت ۾ سير ۽ تفريح وارن مان ڪروڙن اربين رپيا هر سال ناڻو ڪمائي ٿو پر اسان جي سنڌ ۾ ڪڏهن به وڻڪاري مهم باضابطا طور عملي طرح شروع نه ڪئي وئي آهي، رڳو فارملٽي رسمي طور تي فوٽو سيشن تائين ڪاغذن جي حد تائين هتي وڻ لڳايا وڃن ٿا جڏهن ته ٻين صوبن ڪي پي ڪي، پنجاب ۾ عملي طرح وڻڪاري مهم شروع ڪري هڪ وڏو تعداد وڻڪاري مهم دوران وڻ ٻوٽا لڳائي خوشبودار ماحول لاءِ ڪوششون ورتيون وڃن ٿيون.

پهنجو تبصرو موڪليو