وڻن جي ڇانگ تان ڌرين ۾ جهيڙو هڪ قتل 6 زخمي

اسلام ڪوٽ (ن سنڌيار) وڻ وڍڻ تان لنجا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو،لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب هڪ نوجوان قتل ٿي ويو ۽ 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا.چيو وڃي ٿو ته وڻ مان پن لاهڻ تان ٿيل جهيڙي ۾  ٻنهي ڌرين جا ٻن عورتن سميت 7  ڄڻا زخمي ٿيا هئا، سمورن زخمين کي اسلام ڪوٽ جي سرڪاري اسپتال آندو ويو، جن ۾ جمال، نظام، جعفر، رمضان، راحب، ڪمال جميعت ۽آچاران شامل آهن. جتان ٽن ڄڻن کي سخت زخمي هئڻ سبب مٺي اسپتال نيو پئي ويو ته هڪ زخمي 45 ورهين جو جمال ولد جلال لنجو وچ رستي تي  زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. اطلاع تي جهانگرو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ويئي، ٻڌايو پيو وڃي ته پوليس پاران  ٽن ڄڻن کي حراست ۾  ورتو ويو آهي پر اڃا ڪيس داخل ٿي  نه  سگهيو آهي، پوليس موجب وارث ڪيس داخل ڪرائڻ لاء نه پهتا آهن،آيا ته ڪيس داخل ڪيو ويندو،،واقعي بعد گهر ۾ ڪهرام متل  آهي، چيو وڃي ٿو ته جهيڙيندڙ  ٻئي ڌريون پاڻ ۾ سئوٽ آهن.قتل ٿيل نوجوان ٻنهي ڌرين کي ڇڏائيندي ڪهاڙي لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو هو، معاملي جي حل لاءِ راڄوڻي ڪوششون به ڪيون پيون وڃن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو