ڪراچي (نمائندن وٽان) وڳڻ ۾ ڪڻڪ جي 10 جريبن جي تيار فصل کي باهه لڳي وئي جڏهن ته ڊگهڙي ۾ مال جي واڙي کي باهه جو واقعو پيش آيو جنهن ۾ ٻه مينهون سڙي ويون. وڳڻ مان علي مصطفىٰ بروهي موجب ڳوٺ بروهي ڀرسان آبادگار قربان بروهي جي 6 جريب ڪڻڪ جو فصل باهه سبب سڙي ويو. جڏهن ته سليم کٽياڻ جي ڇهن جريب مان چار جريب ڪڻڪ جو فصل سڙي رک ٿي ويو .متاثرآبادگارن صحافين کي ٻڌايو ته اسان جي ڪنهن سان دشمن ناهي ظالمن اسان سان وڏو ظلم ڪيو ، اسان لکين روپين جو نقصان ٿيو آهي ، هنن اعلىٰ اختيارين ڊي سي قمبر ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته سندن مالي سهائتا ڪئي وڃي.***ڊگهڙي مان سيد نويد شاهه موجب ڳوٺ حاجي غلام محمد مھر جي رهائشي جاويد آرائين جي چوپائي مال جي واڙي ۾ اوچتو باھ لڳي وئي جنهن جي نتيجي ۾ ٻه مينھون سڙي زخمي ٿي پيون جڏهن تي باھ تي ڳوٺاڻن ضابطو آندو باھ لڳڻ وقت واڙي جو مالڪ چوپائي مال جي چاري لاء ٻني تي ويل هو.
خط مامرو: هاءِ ڪورٽ جي سڀني ججن کان تجويزون طلب
جاپاني شهرين جي گاڏي لڳ ڌماڪو 2 فوت ۽ 2 زخمي
عالمي واٽر سمٽ ۾ گورننس کي بهتر ڪرڻ تي زور
ٽي ايل پي بابت رپورٽ صوبائي حڪومت سان شيئر نه ڪئي وئي
پشاور ۽ بلوچستان جي چيف جسٽسز جي نالن جي منظوري
دهشتگردن سان ڳالهيون نه ٿينديون، تارڙ جو پاليسي بيان
آءِ ايم ايف پاران مختصر مدي وارو پروگرام وٺڻ جي صلاح
بلوچستان جي 14 رڪني ڪابينا حلف کڻي ورتو
ڪينيا جو آرمي چيف ڏهه آفيسر سميت اجل جو شڪار
خصوصي سيٽن وارن ميمبرن کان حلف وٺڻ جو حڪم
حدبندي جو تڪرار ، پينو فقير عدالت پهچي ويا
ٽڪ ٽاڪ پاران نئين ايپ متعارف
ايران تي اسرائيلي جارحيت، صورتحال جو جائزو وٺون پيا، ترجمان
جمشيد دستي ۽ اقبال احمد خان تي اجلاس ۾ شرڪت تي پابندي
مبينا جاسوسي جي جوابدار جي ضمانت واري درخواست رد
دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين سڪون سان نه ويهنداسين
دنيا جي سڀ کان وڏي چونڊ، ڀارت ۾ ووٽنگ شروع
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 50 پئسا ٿي ويو
ٽرانسپورٽ جو ڀڳل ٽٽل نظام
ڌاڙيلن خلاف جديد ٽيڪنالاجي سان گڏيل آپريشن جو فيصلو