وڪيل کان ڦر، مزاحمت تي زخمي، ڦورو فرار

ملير(درياخان شر) ڪراچي بار ایسوسی ایشن جي وڪيل نواب شر کان سچل ٿاڻي جي حد ۾ ھٿياربندن ڦر دوران مزاحمت تي زخمي ڪري فرار ٿي ويا.ڪراچي بار ایسوسي ایشن جي وڪيل پنهنجي مائٽن کي ڳوٺ موڪلڻ لاء سپرھاءِ وي تي قائم  براق پيٽرول پمپ وٽ گاڏي جو انتظار ڪري رھيا ھئا ته ان دوران  ٻن ھٿياربندن ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ مزاحمت تي وڪيل نواب شر  کي ٻانهن ۾ گوليون ھڻي زخمي ڪري فرار ٿي ويا. جنھن بعد زخمي وڪيل کي اسپتال روانو ڪيو ويو ۽ سچل ٿاڻي تي ڪيس نامعلوم ماڻهن مٿان داخل ڪيو ويو. ڪراچي بار ايسوسيئيشن ۽ ڊسٽرڪٽ ملير بار ايسوسيئيشن جي عھديدارن ان واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي فورن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو