پنج ارب جا ڪڻڪ گهپلا، وڏي وزير جو نيب ۾ بيان رڪارڊ

سکر(بيورو رپورٽ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه دل جي اسپتال ۾ داخل سيد خورشيد شاهه سان ملاقات ڪري عيادت ڪئي. ان کان اڳ هو نيب سکر جي آفيس ۾ ڪڻڪ اسڪينڊل جي جاچ لاءِ بنا پروٽوڪل پهتو ۽ بيان رڪارڊ ڪرايو. نيب سکر جي ڊائريڪٽر جنرل مرزا عرفان بيگ جي سربراهي ۾ جوڙيل جاچ ٽيم وڏي وزير کان سرڪاري گدامن ۾ پيل ڪڻڪ جي مبينه ڪرپشن واري معامري تي 10 سوال پڇيا، جن جا هن جواب ڏنا. وڏو وزير سوا ڪلاڪ نيب سکر جي آفيس م موجود رهيو. جنهن بعد اين آءِ سي وي ڊي اسپتال ۾ خورشيد شاهه سان ملاقات ڪئي. ذريعن موجب نيب جي جاچ بابت وڏي وزير کيس ڄاڻ ڏني جنهن بعد هو واپس ڪراچي روانو ٿي ويو. ياد رهي ته سيد خورشيد شاهه  18 سيپٽمبر 2019 تي آمدني کان وڌيڪ اثاثا رکڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو هو، کيس 11 مهينا قيد ۾ رکيو ويو آهي، هن وقت تائين نه ڪيس جو فيصلو ٿيو ۽ نه وري سندس ضمانت منظور ٿي آهي. نيب ذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌ جي 9 ضلعن ۾ 15 ارب روپين کان وڌيڪ ماليت جي ڪڻڪ جا گهپلا آهن، جن مان 5 ارب 35 ڪروڙ کان وڌيڪ ماليت جي ڪرپشن جو انڪشاف ٿيو هو ۽ ان باري ۾ 9 مختلف انڪوائريز هلندڙ آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو