وڏيري جي چُرچ تي صحافي تي تشدد خلاف احتجاج

ڪراچي (نمائندن وٽان)ڀان سعيد آباد جي صحافي نظام الدين ڳنڀير جي گرفتاري خلاد سنڌ جي مختلف شهرن ۾ صحافي برادري پاران احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. مانجهند مان مان مهراڻ عمراڻي موجب نظام الدين ڳنڀير جي بنا جواز گرفتاري خلاف صحافين جو يوسف عمراڻي گلزار ملاح احسان ڳنڀير جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو ويو ان موقعي تي صحافين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سيوهڻ پوليس بااثرن جي چرچ تي حق سچ لکڻ تي صحافي تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪري کيس گرفتار ڪيو آھي جڏهن ته پوليس وڏيري جي ونگار وهندي لاڪپ ۾ مٿس تشدد پڻ ڪيو جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا.

Manjhand Journalist protest, Photo Sindhyar

  هنن ايس ايس پي ڄامشورو کان مطالبو ڪيو ته ڪوڙا ڪيس ختم ڪري صحافي کي آزاد ڪري بي چيني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو. ***عادلپور مان اسلم مھر موجب مهراڻ ٽي وي ڀان سعيدآباد جي رپورٽر نظام الدين ڳنڀير تي بااثرن ۽ ڪرپٽ آفيسرن جي چرچ تي پوليس پاران ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ تي عادلپور پريس ڪلب اڳيان صحافين  امجدڪلوڙ  اسلم مھر نذير احمد لانگاھ ياسين ابڙو ممتاز علي سهتو آصف ڪلوڙ رياض مهر حليم لارا مهر ۽ ٻين صحافين پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو احتجاج ڪندڙ صحافين مطالبو ڪيو آهي ته ڀان سعيدآباد جي صحافي مٿان ڪيل ڪوڙا ڪيس ختم ڪري فوري طور آزاد ڪيو وڃي نه ته ٻئي صورت ۾ سموري سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو