وڏيري تي بجلي چوري سبب 7 لک ڏنڊ هڻندڙ آفيسر بدلي

خانپورمهر(آفتاب سيال)پ پ اڳواڻ حاجي زبردست خان مهر جي بنگلي تي ڇاپو هڻي بجلي ڪٽيندڙ سيپڪو آفيسر بدلي ٿي ويو. ٻه ڏينهن پهرين سيپڪو سکر جي ٽاسڪ فورس ٽيم انچارج عقيل جوڻيجو پاران پ پ اڳواڻ ۽ ايم اين اي سردار محمد بخش خان مهر جي ويجهي ساٿي حاجي زبردست خان مهر جي بنگلي تي ڇاپو هڻي مٿس بجلي چوري ڪرڻ جا الزام لڳائي سندس بنگلي جي بجلي ڪاٽي مٿس 7 لک روپين جو ڏنڊ لڳايو هو . جنهن بعد سيپڪو اختيارين توڙي پ پ اڳواڻن ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي هئي پ پ اڳواڻ حاجي زبردست خان مهر پاران ڇاپو هڻندڙ انچارج کي هٽائڻ لاءِ شروع ڪيل ڪوششن ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي، واپڊا  جي اعلي اختيارين حاجي زبردست خان مهر جي بنگلي تي ڇاپو هڻندڙ آفيسر عقيل جوڻيجو کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو آهي، ايڇ آر ڊپارٽمينٽ هڪ آرڊر جاري ڪندي کيس آفيس ۾ رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.. ٻي طرف پ پ اڳواڻ حاجي زبردست خان مهر پاران سيشن ڪورٽ گهوٽڪي ۾ داخل ڪرايل حراسمينٽ واري پٽيشن تي ٻڌڻي ايندڙ 27 تاريخ تي رکيل آهي.ياد رهي بجلي واري وزير عمر ايوب چيو آهي ته پي پي وارا بجلي چورن جي پٺڀرائي ڪري رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو