وڏيرو زال اغوا ڪري ويو آهي، مڙس جو انصاف لاءِ احتجاج

خانپورمهر(آفتاب سيال)ڳوٺ ڪٽهڻ هار واسي نوجوان نياز مڱڻهار سان پيار جو پرڻو ڪندڙ عورت شبانه مير کي بااثر مبينا طور اغوا ڪري ويا، سندس مڙس پريس ڪلب پهچي احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي هن ميڊيا کي ٻڌايو ته هڪ مهينو اڳ پنجاب جي شهر خانپور جي عدالت ۾ شبانه مير نالي عورت سان پسند جي شادي ڪئي، جنهن کانپوءِ عورت جا وارث جان جا ويري بڻجي ويا، نوجوان نياز مڱڻهار ٻڌايو ته بااثر جوابدارن غفور مير، اصغر، علي حسن، مشتاق احمد، ميهر علي ۽ سوڍو مير منهنجي گهر تي ڪاھ ڪري گهر ڀاتين کي يرغمال بڻائي منهنجي گهر واري شبانه مير کي کنڀي ويا،جيڪا هن وقت پنجاب جي شهر رحيم يار خان ۾ وڏيري مير غفور  وٽ قيد آهي، هن ايس ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل سميت ٻين اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي منهنجي زال کي اغوا ڪندڙ جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري  زال بازياب ڪرائي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو