وڏيرن کي ڇڏي غريبن جا بيجارا چٽ، متاثرن جو احتجاج

جروار(محمد بخش گبول)مختيار ڪار ميرپور ماٿيلو طرفان جروار ۽ آس پاس جي ننڍن آبادگارن سان ٿيندڙ ناانصافي خلاف جروار ۾ غلام بوزدار عاجز گبول  ولي محمد بوزدار ۽ توفيق احمد جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو جنھن ۾ مختيارڪار ميرپور ماٿيلو کي ھٽائڻ جو مطالبو ڪندي سخت نعريبازي ڪئي ويئي ميڊيا سان ڳالھائيندي عاجز گبول، ولي محمد بوزدار ،شھزادو گبول غلام بوزدار ۽ ٻين جو چوڻ ھو ته مختيارڪار بااثرن جو ٻيجارو ڇڏي اسان سميت انھن مسڪين ھارين جو ٻيجارو ساڙي رھيو آھي جن ڪپهه جو ٻج نه ڦٽڻ ڪري مجبور ٿي صرف گذر سفر لا سارين جو ٻيجارو پوکيو ھو انھن جو وڌيڪ چوڻ ھو ته قانون سڀني لاءِ برابر آھي ته پو۽ انھن بااثر وڏيرن جو ٻيجارو مختيارڪار کي نظر ڇو نٿو اچي آخر اھو ٻٽو معيار ڇا جي لاءِ آهي.هنن ڊي سي گھوٽڪي ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته ھن راشي مختيارڪار کي ھٽائي ڪو ايماندار آفيسر مقرر ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو