وڏيرا مارائڻ ٿا چاهين، جان کي خطرو آهي، تحفظ ڏيو

صالح پٽ(رپورٽ نياز مهر )ڳوٺ بخشڻ خان چاڪراڻي جي پريمي  جوڙي  فرحانه چاڪراڻي مڙس سليم خان چاڪراڻي سان گڏ احتجاج ڪندي چيو ته اسانجي جا کي خطرو آهي وڏيرا مارائڻ ٿا چاهين، خدا واسطي تحفظ ڏنو وڃي. هنن چيو ته وڏيرن مشتاق رمضان اعجاز ممتاز چاڪراڻي نياز چاڪراڻي ڪنڌرا ٿاڻي جي حد جي جنوجي چوڪي جي انچارج حميد مهر جماندار واحد بخش جاگيراڻي منشي ممتاز سومرو ملي ڪري زبردستي گهر ۾ گهڙي منهنجي سهري شاھ بخش ۽ منهنجي مڙس جي مامي پيرل چاڪراڻي کي کنڀي 8 ڪلاڪ لاڪپ ڪري جرڳو ڪري اسان مٿان 8 لک ڏنڊ وجهي 4 لک ٿڏي تي ادا ڪرايا ۽ 10 هزار پوليس وٺي بعد ۾ زبردستي فيصلي جي لکت وٺي لاڪپ ٿيل ماڻهن کي آزاد ڪيو اسان اعلي ادارن کان اپيل ٿا ڪريون ته اسان جي جان کي خطرو آهي اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو