وڌڻ ڳوٺ ۾ پراسرار بلا نوجوان کي زخمي ڪري فرار

سوسائٽي(غلام رسول مھر) ڳوٺ وڌڻ مھر ۾ رات دير سان ڀيانڪ جنگلي جانور(بلا)  رضوان احمد عباسي ولد محمد مٺل عباسي تي سندس گھر ۾ حملو ڪري ننهنڊا ڏئي کيس زخمي ڪري وڌو. نوجوان جي رڙين تي سندس والد ۽ ڳوٺاڻا جاڳي پيا ته پراسرار بلا جهنگ ۾ ڀڄي وئي. نوجوان کي سيني ۽ پٺي تي زوردار ننهنڊن سبب رت نڪري پيو. ائين پيو لڳي ڄن ڪنهن بليڊ سان جهير ڏنا آهن. نوجوان کي زخمي حالت ۾ نجي اسپتال پھچايو ويو جتي ابتدائي طبي امداد بعد کيس ڏهرڪي نيو ويو. 15 سالن جي نوجوان ٻڌايو ته هو پيشاب لاءِ جيئن ويٺو ته بوجري بلا هڪ هٿ سندس وات تي رکي کڻڻ جي ڪوشش ڪئي ته هن وات تان هٿ هٽائي دانهن ڪئي، جنهن تي بلا ڀڄي وئي. ڳوٺاڻن رات جو بيٽريون کڻي بلا جا پيرا کنيا ۽ ڳولا ڪئي جيڪي ڳوٺ جي ڀر واري جھنگ ۾ گم ٿي ويا. ڳوٺاڻن۾ خوف ۽ حراس پکڙجي ويو آهي. ڳوٺاڻن جنگلي جيوت کاتي وارن کان بلا جي ڳولا ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي ته جيئن وڌيڪ جاني نقصان کان بچي سگهجي.

پهنجو تبصرو موڪليو