وڌيڪ اگھه وٺڻ تي 200 دوڪانن خلاف ڪارروائي

مٽياري (ن سنڌيار) مٽياري جي ضلعي انتظاميا دعويٰ ڪئي آهي ته رمضان المبارڪ جي ٻن ڏهاڪن دوران سرڪاري اگهه کان مٿي کاڌي پيتي جون شيون وڪرو ڪندڙ 200 کان وڌيڪ منافعي خورن تي 51200 رپيا ڏنڊ مڙھيو ويو، جڏهن ته گذريل ھفتي ڪورونا ايس او پيز جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي 7100 رپيا ڏنڊ ھڻڻ سان گڏ ھڪ دڪان سيل پڻ ڪيو ويو. ڊپٽي ڪمشنر مٽياري سيد مرتضي علي شاهه پاران عالم سڳورن کي يوم شھادت حضرت علي ڪرم الله وجهه، اعتڪاف ۽ شب قدر دوران ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ لاءِ سھڪار ڪرڻ جي پڻ اپيل ڪئي ويئي آهي، اهڙيون ڪارروايون قيمتن تي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ ڪورونا ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ لاءِ اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ مختيارن پاران اھي ڪارروايون ڊپٽي ڪمشنر مٽياري سيد مرتضي علي شاهه جي ھدايتن تي ڪيون ويون ته جيئن ڀلاري مهيني دوران عوام کي رليف ڏئي سگهجي. ڊي سي موجب ڪورونا کان بچڻ لاءِ اسان کي انتهائي محتاط رهندي پنهنجيون سرگرميون محدود ڪرڻيون پونديون، سماجي وٿي اختيار ڪرڻي پوندي ته جيئن وبا کان محفوظ رهي سگهجي.

پهنجو تبصرو موڪليو