وي سي کي هٽائڻ لاءِ يونيورسٽي ملازمن جو احتجاج

نوابشاهه(ن سنڌيار)قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاهه جي پروفيسرن، آفيسرن ۽ ملازمن پاران پنھنجي مطالبن جي مڃتا لاءِ يونيورسٽي جي ايڊمن بلاڪ آڏو 7 ڏينهن به بک ھڙتال ڪئي ان موقعي تي لياقت علي تنيو، شڪيل احمد چانڊيو، سجاد کوسو ۽ ٻين چيو ته لاڙڪاڻي ڪئمپس جي اڍائي سو ملازمن کي گذريل ٻن مھينن کان پگھارون نه مليون آهن، جڏھن ته ڪچي ملازمن کي ھن وقت تائين پڪو نه ڪيو ويو آهي، ھنن چيو ته مختلف الائونس گذريل ٻن سالن کان بند ڪيا ويا آھن ھنن چيو ته وائيس چانسلر سليم رضا سمون يونيورسٽي کي تباهي جي ڪناري تي پھچائي اداري کي تباھه ۽ برباد ڪري ڇڏيو آهي ۽ جڏھن کان وائيس چانسلر مقرر ٿيو آھي تڏھن کان ڪرپشن، بدانتظامي ۽ مسئلن جي ور چڙھيل آهي، ملازمن مطالبو ڪيو ته اسان جائز مطالبا منظور ڪري وائس چانسلر سليم رضا سمون کي ھٽايو وڃي ۽ سندس جاءِ تي ڪو ايماندار آفيسر مقرر ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو