ويگن ۽ ڪار ۾ ٽڪر ھڪ فوت، 11 ڄڻا زخمي

شڪارپور (عبدالخالق سومرو)رستم چوڪ  لڳ مسافر ويگن ۽ ڪار ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنھن جي نتيجي ۾ لکي غلام شاهه جو رھائشي ميان کوسو فوت ٿي ويو، جڏھن ته غلام اصغر، رحيم ڏنو، جمالدين، محمد حاجن، غلام رسول سميت 11 ڄڻا زخمي ٿي پيا، شڪارپور جي 15 مددگار پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي فوت ٿيل شخص ۽ زخمين کي سول اسپتال شڪارپور منتقل ڪيو، جتي ٻن ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ھجڻ سبب کين لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏھن ته آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو ھو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو