ويڙهو ڪڪڙ پوليس لاءِ پريشاني جو سبب بڻجي ويو

جروار(محمد بخش گبول)ڪڪڙن جي ميل تي ڇاپي دوران ھٿ آيل ويڙهو اصيل ڪڪڙ  پوليس لاءِ پريشاني جو سبب بڻيل،ھن مھل تائين ڪڪڙ جو ڪو به مالڪ ظاھر نه ٿيو.تقريبن 8 مھينا اڳ جروار ڀرسان ٿيندڙ ڪڪڙن جي ميل تي پوليس ڇاپي دوران  گرفتار خفتين سان گڏ ھٿ آيل ڪڪڙ پوليس لا پريشاني جو سبب بڻيل آھي  ڪيس ۾ نامزد خفتي ته ضمانتون ڪرائي آزاد ٿي ويا پر 8 مهينن کان ٿاڻي ۾ ٻڌل ڪڪڙ جي ھن مھل تائين  ڪنھن به مالڪي نه ڪئي جنھن سبب جروار ٿاڻي جا اھلڪار پريشان آھن جيڪي هر حاضري تي ڪڪڙ کي عدالت ۾ پيش ڪن ٿا.پوليس وارن جو چوڻ آهي ته اسان لاءِ ھن جي سار سنڀال ۽ کاڌ خوراڪ مسئلو بڻيل آھي ۽ اھو پڻ خوف ھوندو آھي ته ڪٿي  شھر جا رولو ڪتا، ٻلا ھن کي ڪو نقصان نه پھچائين جي ائين ٿيو ۽ بعد ۾ ان جو ڪو مالڪ ظاھر ٿي پيو ته اسان لا مسئلو ٿي پوندو ان لاءِ قيدين کان وڌيڪ ھن جاندار جو خيال رکڻو پوي ٿو. خفتين جو چوڻ آهي ته پوليس ڊرامو ٿي ڪري ڪڪڙ ڪيس پراپرٽي جو حصو آهي ۽ ان جي سنڀار پوليس جو فرض آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو