وينا ملڪ جي اڳوڻي مڙس کي غائب ڪرڻ جي ڌمڪي

لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستاني اداڪاره ۽ ميزبان وينا ملڪ جي اڳوڻي مڙس دعويٰ ڪئي آهي ته وينا هن کي غائب ڪرائڻ جي ڌمڪي ڏني آهي. اسد خٽڪ دعويٰ ڪئي آهي ته نامعلوم ماڻهو منهنجي ٻارن سان دبئي ۾ رهندا هئا ۽ منهنجي ٻارن کي ڪيئن غير قانوني طور تي پاڪستان موڪليو ويو آئون جلد ئي هڪ پنڊورا باڪس کوليندس.خيال آهي ته ٻارڙن سان ملاقات جي حوالي سان اداڪاره وينا ملڪ ۽ ان جي اڳوڻي مڙس اسد خٽڪ جي وچ ۾ لفظن جي جنگ آهي ۽ گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ اسد خٽڪ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ به اداڪاره تي الزام لڳايوهو. اسد خٽڪ الزام لڳايو ته وينا ملڪ  منهنجن ٻن ٻارن کي دبئي کان غيرقانوني طور تي پاڪستان منتقل ڪيو آهي ۽ پنهنجي اڳوڻي زال کي هرجاڻي جو 500 ملين رپيا هرجاڻي  جو نوٽيس موڪليو آهي. اسد خٽڪ اداڪاره وينا ملڪ جي مبينه آڊيو ڪال ريڪارڊنگ پڻ  شيئر ڪئي جنهن ۾ هو وينا هن کي  سنگين قسم جي خطرن جون ڌمڪيون ڏيئي رهي آهي. وينا ملڪ 2013 ۾ اسد خٽڪ سان شادي ڪئي ۽ ان کي ٻه ٻار آهن  هن کيس 2018 ۾ طلاق ڏني.

پهنجو تبصرو موڪليو