ويسٽ انڊيز افغانستان کي 23 رنس تان شڪست ڏئي ڇڏي

لنڊن (م ڊ) ويسٽ انڊيز افغانستان کي 23 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي، ڪرس گيل جي ٽيم پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 311 رنسون ٺاهيون، گهربل حدف جي جواب ۾ افغاني ٽيم 50 اوورن ۾ 288 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي. ويسٽ انڊيز طرفان هوپ 77 رنسن سان نمايان رهيو، ليوس 58 رنسون ٺاهيون، هيٽميئر 39، پوران 58، ۽ هولڊر 45 رنسون ٺاهيون، افغانستان طرفان مجيب الرحمان ۽ راشد خان 2، 2 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو، دولت هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. گهربل حدف جي جواب ۾ افغاني ٽيم 288 رنسون ٺاهي سگهي، اڪرام 86 رنسن سان نمايان رهيو، گلبدين 5، رحمت شاهه 62، نجيب الله 31، اصغر افغان 40 رنسون ٺاهيون، سيد شيرزاد 17 بالن تي 25 رنسون ٺاهيون. ويسٽ انڊيز طرفان ڪورٽيل ۽ بريٿويٽ 3، 3 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو، جڏهن ته هولڊر 2 وڪيٽون ورتيون. ورلڊ ڪپ ۾ افغانستان جي واحد ٽيم آهي جيڪا بهترين راند پيش ڪرڻ جي باوجود هڪ به ميچ نه کٽي سگهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو