وونئڻن تي اڇي مک جو حملو، جيت مار دوائون بي اثر

سوسائٽي(غلام رسول مھر)جان محمدسوسائٽي،صالح مھر،عارب مھر،وڌڻ مھر،حمزو مھر،قاضي بادل سميت مختلف ڳوٺن ۾ ووڻن جي پوکيل سوين ايڪڙن جي فصل تي اڇي مک جو حملو ووڻن جي واڌ ويجھ رڪجي وئي غريب ھارين کي لکين رپين جي نقصان جو خدشو،ووڻ ڪارا ٿيڻ لڳا ،پيسٽي سائيڊ زرعي دوائون نقل ھجڻ ڪري ڪوبه اثر نٿيون ڪن،ھارين جو چوڻ ھو ته ھڪ ڏينھن ڇڏي ٻئي ڏينھن اسپري ڪريون پيا پر ووڻن ۾ ڪوبه اثر نٿو ٿئي،دوائون وڌيڪ استعمال ڪرڻ ڪري خرچ وڌي پيو ھوڏان دڪاندار اوڌر تي ٻيڻا ٽيڻا دوائن جا اگھ لڳائي رھيا آھن،جيڪا سراسر اسان سان ظلم آھي،اسين ڊي سي گھوٽڪي کان مطالبو ڪيو ٿا ته پيسٽي سائيڊ دڪاندارن جي ڪن مھٽ ڪري مناسب اگھ ڏيارا وڃن ته جيئن  غريب ھارين بھتر گذر سفر ڪري سگھن.

پهنجو تبصرو موڪليو