ميهڙ(غلام حسين پنھور) پي ٽي وي، اسٽيج ۽ سنڌي فلمن جي مشهور اداڪار ڊائريڪٽر ۽ شاعر وفا ڀٽي جي 12 هين ورسي يادگار ڪاميٽي پاران پريس ڪلب ميهڙ ۾ ملهائي وئي. ورسي ۾ ڪيترن ئي سياسي، سماجي اڳواڻن، شاعرن، اديبن، صحافين ۽ وڪيلن شرڪت ڪئي. تقريب کان پهريان اداڪار وفا ڀٽي جي مزار تي گلن جي چادر چاڙھي فاتحه خواني ڪئي وئي، ورسي تقريب کي پريس ڪلب ميهڙ جي صدر نياز احمد ڀٽي، جنرل سيڪريٽري جميل احمد مهيسر، مهراڻ ٽي وي جي رپورٽر سماجي اڳواڻ رياض احمد چانڊيو، صحافي سماجي اڳواڻ حبيب حضوري، ايڊووڪيٽ فيصل وفا ڀٽي، سماجي اڳواڻ عامر وفا ڀٽي، سماجي اڳواڻ ايڊووڪيٽ ذوالفقار علي کوکر، نوجوان صحافي ايڊووڪيٽ عبدالحق کوکر، سماجي اڳواڻ راشد علي مهيسر، ايڊووڪيٽ لياقت بن محبوب ڏيپر، اصغر علي کوسو، علي آڪاش، مزاحيا شاعر محبوب علي ڏيپر، سماجي اڳواڻ ابرار علي چانڊيو، ڊاڪٽر بشير احمد ايري، احسان علي جويو، حزب الله ڏيرو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. ورسي کي ڪندي اڳواڻن چيو ته وفا ڀٽي 70 واري ڏهاڪي جو ور اسٽائيل اداڪار هو. سندس جا پي ٽي وي تي مشهور ڊراما ناٽڪ رنگ، چھچٽو، هوائين هاءِ جيدي، رس چس، دل جي دنيا ۽ ٻيا شامل آهن. هنن وڌيڪ چيو ته وفا ڀٽي هڪ بهترين شخصيت ۽ هر وقت چھري تي مسڪراهٽ رکندڙ انسان هو. وفا ڀٽي بهترين شاعر پڻ ھو، سندس جو شاعري تي بهترين ڪتاب غمن جا لڙڪ پڻ شايع ٿيو هو. جنهن جومهاڳ بهترين اديب ۽ ناول نگار خليل جبران کي سنڌي ۾ ترجمو ڪندڙ اديب م ن محزون لکيو هو، جيڪو تمام گهڻو مقبول ٿيو هو.
خط مامرو: هاءِ ڪورٽ جي سڀني ججن کان تجويزون طلب
جاپاني شهرين جي گاڏي لڳ ڌماڪو 2 فوت ۽ 2 زخمي
عالمي واٽر سمٽ ۾ گورننس کي بهتر ڪرڻ تي زور
ٽي ايل پي بابت رپورٽ صوبائي حڪومت سان شيئر نه ڪئي وئي
پشاور ۽ بلوچستان جي چيف جسٽسز جي نالن جي منظوري
دهشتگردن سان ڳالهيون نه ٿينديون، تارڙ جو پاليسي بيان
آءِ ايم ايف پاران مختصر مدي وارو پروگرام وٺڻ جي صلاح
بلوچستان جي 14 رڪني ڪابينا حلف کڻي ورتو
ڪينيا جو آرمي چيف ڏهه آفيسر سميت اجل جو شڪار
خصوصي سيٽن وارن ميمبرن کان حلف وٺڻ جو حڪم
حدبندي جو تڪرار ، پينو فقير عدالت پهچي ويا
ٽڪ ٽاڪ پاران نئين ايپ متعارف
ايران تي اسرائيلي جارحيت، صورتحال جو جائزو وٺون پيا، ترجمان
جمشيد دستي ۽ اقبال احمد خان تي اجلاس ۾ شرڪت تي پابندي
مبينا جاسوسي جي جوابدار جي ضمانت واري درخواست رد
دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين سڪون سان نه ويهنداسين
دنيا جي سڀ کان وڏي چونڊ، ڀارت ۾ ووٽنگ شروع
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 50 پئسا ٿي ويو
ٽرانسپورٽ جو ڀڳل ٽٽل نظام
ڌاڙيلن خلاف جديد ٽيڪنالاجي سان گڏيل آپريشن جو فيصلو