وفاق پاڻي روڪي سنڌ کي بنجر بنائڻ چاهي ٿو، تنزيلا

ٽنڊو محمد خان (مظفر علي بروهي) سنڌ ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ جو ذميوار وفاق آھي هٿ وٺي سنڌ کي بنجر بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي  پورهيت دودو ڀيل جي قتل جو پ پ قيادت نوٽيس وٺندي گرفتار اڳواڻ آزاد ڪري ڪيس ختم ڪيا آهن. اهڙن خيالن جواظھار پ پ جي ايم پي اي تنزيلا قمبراڻي شيخ ڀرڪيو ۾ عوامي ميڙ کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي  ڪيو ان چيو ته بحريا ٽائون واقعي ۾ اهي هٿ ملوث آھن جيڪي ڪراچي جو امن بحال نٿا ڪرائڻ چاهين هن چيو ته پ پ عوامي پارٽي آھي ۽ جمهوريت تي يقين رکي ٿي پ پ جلائو ۽ گهيرائو وري سياست تي يقين نٿي رکي ان چيو ته سنڌ ۾ بجلي ۽ پاڻي جي هٿرادو لوڊ شيڊينگ ڪري سنڌ جي ماڻھن سان انتقامي ڪاروائيون ڪيون پيون وڃن ان چيو ته پ پ اهڙن سازشن جو ڀرپور طريقي سان مقابلو ڪندي ان چيو ته پ پ ماتلي سميت نون ضلعن جي حمايت ڪري ٿي پر پهرين انهن جي انتظامي طور جوڙ جڪ کي بهتر بڻايو وڃي ان وقعي تي ان سان گڏ صوبائي مشير سيد زين العابدين شاھ عبدالمجيد لغاري شاه اشرف ڪشميري مخدوم وقار قريشي  جاويد وساڻ زوهيب نظاماڻي اسد چانڊيو ۽ ٻيا گڏ هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو