وفاق سنڌ حڪومت ڪيرائڻ وارا خواب نه ڏسي؛ محمد بخش مهر

ميرپورماٿيلو(ظھير وسير) پ پ ايم اين اي سردار محمد بخش خان مهر چيو آھي ته پي ٽي آءِ حڪومت سنڌ حڪومت ڪيرائڻ جا خواب ڏسڻ بجاءِ خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب ۾ پنهنجي حڪومت بچائي. اهڙن خيالن جو اظھار هن خانڳڙھ ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي عام ماڻھن جا مسئلا ٻڌندي ۽ ضلعي گهوٽڪي ۾ مختلف هنڌن تي عذرخواهين دوران ڪيو. سندس وڌيڪ چوڻ ھو ته ملڪ جي وجود ۾ اچڻ کان هيل تائين پاڻي معاملي تي پنجاب هميشه سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا هنيا آھن جيڪي موجوده حڪومت جي ڏھاڙن ۾ به جاري آھن. سندس چوڻ ھو هڪ طرف پاڻي تي ڌاڙا جاري آھن ته ٻئي پاسي ملڪ  ۾ بک ۽ بدحالي وڌي وئي آھي پي ٽي آءِ حڪومت ملڪي تاريخ جي مجموعي محرومين ۽ بحرانن جي جنميندڙ حڪومت آھي. هن وڌيڪ چيو ته گهوٽڪي ضلعي کي مثالي ضلعو بڻائڻ لاءِ سندن ڪوششون هلندڙ آھن خانڳڙھ جلسي ۾ پارٽي چيئرمين گهوٽڪي ضلعي لاءِ جيڪو خوشحالي پيڪيج ڏنو آھي ان تحت عمل ٿيڻ شروع ٿي ويو آھي سندس چوڻ ھو ته  سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه تمام جلد ضلعي جو دورو ڪندو. ٻئي پاسي هن گهوٽڪي تعلقي جي چيئرمين اصغر علي شاهه، لال خان مهر، مير خان مهر، غلام مصطفي ابڙو، عبدالستار ڏھر، وڏيري ممتاز خان مهر ۽ ٻين وٽ پهچي سندن عزيزن جي وڇوڙي تي عذرخواهيون پڻ ڪيون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو